قطعا

مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“

 

(1)

هزارين     رنگ    بدلائي     ڏٺاسون،
پراون  جا   به   ڳڻ   ڳائي   ڏٺاسون،
فقط پنهنجي دران ٿيو حل مشڪل،
ٻيا  در  ڪيئي   کڙڪائي ڏٺاسون.
 

(2)

گھڻا حرمين مان وحدت وٺن ٿا،
گھڻا  دگران  جان  دائم  ٿين ٿا.
گھڻا مومن محبت  ۾  مچن  ٿا،
گھڻا  حاجي به رهزن ٿي اچن ٿا.
 

(3)

ڪٿي    برسر    وڏائي    تاج   آهن،
ڪٿي   محبوب   جا   معراج  آهن.
ڪٿي مسڪين مولائي چڱا مڙس،
ڪٿي  عاشق   مزاج   الحاج  آهن.
 

(4)

خيال  ئي  ٿو  ٿئي  بيمار  اول،
خيال  ئي  ٿو ٿئي بيڪار اول،
خيال ئي تي سڀئي دارومدار آھ،
خيال  ئي  ٿو  ٿئي  بيدار  اول.
 

(5)

ٺلهي بڪ بڪ ڪرڻ سان دل مري ٿي،
گھڻي  چپ  چپ  هئڻ سان دل جئي ٿي.
فقط  گونگو   به   ٿيڻو   ڪو  نه  آهي،
رڳو   هپ    ئي     نهڙ   آخر   نئي   ٿي.
 

(6)

زماني   ۾   هلڻ   سان   ئي   هلڻ   آھ،
هلي ڪنهن ڏي وڃڻ سان ئي وڃڻ آھ.
ڪري  همدردي،  همدردي  ئي   وٺبي،
ڪنهن وٽ پڻ اچڻ سان  ئي  اچڻ  آھ.
 

_(7)

هزارن   هوندي   هڪڙو   پاڻ   آھي،
اهو  ئي،   عقل    جو    اُهڃاڻ   آهي.
ڪبي خدمت هميشه پنهنجي پاڻهي،
هتي   سر   جي   بلا   سر  ساڻ  آهي.
 

(8)

محبت ڏينهن هڪڙي لئه نٿي ٿئي،
محبت  زندگيءَ   لئه    آھ   ٿيندي.
محبت  زندگيءَ  جي   لاءِ   ضامن،
محبت هر  ڪنهن سان ناھ ٿيندي.
 

(9)

جي زخمن تي  زبان مرهم  نه لاتو،
ته پوءِ چئبو مقرر  ڪجھ نه ڄاتو.
اتي ڪا بد زباني ڪا نه  گھرجي،
اهو گُرُ ڪنهن نه اڪثر آھ ڄاتو.
 

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com