غزل

مقصود گل

 

لوڪ  ساري   ٿي   ڏٺو   هي  ديد   جو   ڌوڪو   نه   هو،
باھ ڏيندڙ باغ  کي،   پنهنجو   ته   هو،   ٻيو   ڪو  نه   هو.

مطلـبــي    انســان    جــا    ســڀ    روپ  ظــاهــر  ٿــي  پيا،
جڳ ڏٺو جانچي، ڪڏهن خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو.
 

روشنيءَ   جي   واسطي ،    جيڪو    ڏيو   روشن   ڪيم،
سو   جلائيندو   جھڳيءَ   کي ، مون ڪڏهن سوچيو نه هو.

چــنڊ    تــي    پـهتو   وڃي   جھنڊو    هڻي    ڌرتيءَ   لٿو،
عرش وارن  پئي  ڏٺو ،   انسان   هو ،   ٻيو   ڪو  نه   هو.
 

هن   چيو   ”مذهب   هجي“    ۽    مون    چيو   ”انسانيت“،
سمجھ   جو   ڦيرو   هيو،  بس  ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو.

ٽهڪ  پئي   ماڻهن  ڏنا،  مون  کي خبر   ناهي ،  ته   ڇو؟
لاش  هو  فوٽ  پاٿ  تي ،  بس  ٻيو  ته ڪو رؤنشو نه هو.
 

هيٽرن   تي  ،  بند  ڪمري  ۾  ستا  ڪنهن  جا  ڪتا،
ڪنهن  جي  ٻچڙي  کي  لُريءَ  ۾  جسم  تي  چولو نه هو.

ملـــڪ   جو   نئين   سر   بنايو   آھ   خاڪو   سازشين،
مون
  ڏٺو   جانچي   ته   ان  ۾  سنڌ  جو  نقشو  نه   هو.
 

هورڙيان   پيرن   منجھان   ڌرتي   وڃي   ٿي  کسڪندي،
پـــر  اســان  جــي  دوستن  کي  ڪو  اڃا  الڪو  نه  هو.

ڪاغذي   گل   کوڙ   گڏ   گلدان   ۾   مُرڪن   پـيــا،
پر ڪٿي ڪمري ۾  ڪو  سرهاڻ  جو  سونچو  نه  هو.
 


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com