عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا
مخدوم محمد زمان صاحب ” طالب المولى “
موڪليندڙ: عبدالسميع کوسو ـــــــــــــــ جيڪب آباد
عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛ و_ڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا. اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛ غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا.
ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛ لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا. پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛ ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا. نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛ وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا. جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛ قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا. پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛ هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com