غزل
ساحر راهو
بي انت ٿڌيون راتيون، آ ننڊ نه ڪي سپنا، احساس جِنجھوڙن ٿا، دل جا ٿو رُلان رستا. ٿيون رُڃ سڀئي راهون ۽ سُڃ سڄو ساڻيهه، مهراڻ جي موجن تي، ڪنهن ديو وڌا پاڇا. آ تازي قبر دل ۾ هي لڙڪ اٿئي شاهد، رڳ رڳ ۾ رقم آهي، شهَبند جا جوڌا. منصور عنايت ۽ سرمد جي خلافت ۾، جا راهه هُئي روشن، تنهن راهه تي کڻ پيرا. ٿڃ ڪاڻ تون ڇاتيءَ سان، چُهٽيل ته آهين ٻچڙا، ٿڃ آڻيان ڪٿان سوچي، بُک پاهه ٿيل ماتا. دلدار جي نيڻن ۾، هڪ رات جو منظر هو، ٿي چنڊ ڍڪيو بادل، ڌنڌلا ٿيا نظر چارا. ڪا دولهه جي تربت، ڪا ڄام نندي جي آ، هي مڪليءَ جون ٽڪريون، تاريخ اٿئي بابا. هو مومل جو ويڙهو، هي راڄ آ راڻي جو، سڀ آهيون سڳا سَرتا، وڌ مُرڪ ڇڏي ويڇا. مجبور مهاڻن جا، بي سَتُ بکيا ٻالڪ، ٿا سوچن لهرن کي، ڪنهن کاڻي نيئر پاتا. ڇو روجھه ڏسي رڙيو، ڇو ڪُونج اُڏي ڪڙڪي، ڇا پرڏيهين تاڻيا، ڪي نال دونالين جا. هر رات مياڻيءَ کان، گذران ٿو خوابن ۾، سڀ کيت گلابن جا، ڳڀرن جا لڳن لاشا. آ ڏور پرين منهنجو، تنهنجو به نه گھر ڪوئي، اچ چنڊ ٻئي گڏجي، ڀنڀور گھُمون سَرتا. ڪنهن تاج طُري پويان، تهذيب لتاڙي هُئي، هڪ لال حويليءَ لئه، سندور رُڙِيا ڪيڏا. ڪجھه تنهنجي يادن جو هو کيپ تڙيس ٿي مان، ڪجھه چنڊ به ڌرتيءَ تي، ٿي جام ڀري نائيا. تون ڏُور سکي هوندي، نزديڪ به ڪيڏي آ، جنهن ڏيک ۾ گھُوريان ٿو، تنهنجا ٿا نچن جلوا. هي ڪينجھر جون لهرون، هوءَ نوريءَ جي تربت، مان تنهنجن نيڻن مان، ٿيندي ٿو ڏسان برکا. آ مچ ته ماٺو پر، اندر جي آويءَ ۾، ڄر جيڪا ڄرڪي ٿي، تو کي خبر نه آ ڇا. هي جيوَن آ ناٽڪ، منظر ته پيا مَٽجن، هڪ ڏيک رُڳو مُرڪون، پو زيست سڄي ڳوڙها. هڪ ناوَ جي مالا کي، پڙهندي مون ڪَٽيون راتيون، هڪ چهري کي ڏسندي، ڪئي ڏينهن سندي انتها. تون نانهه حياتيءَ جو، مقصد ئي ويو مَٽجي، ڇا شهرت عظمت جا، تمغا ۽ وڏا رتبا. اتهاس جي ورقن جو، اڀياس ته ڪر ”ساحر“، مخدوم بلاول کي، گھاڻي ٿي ڪيا سجدا. ساحر راهو جي شاعـــــــــــــــــــــــري ــ
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com