بيت

                                                          ـــــــــــــــــــ حبيب ساجد

گــوري تـون ڏسـجانءِ وڃـي، هـڪ پـل آئـينـو،
پنهجي مکَ تي ڳولجانءِ، منهنجو هڪ سپنو،
مـنـهنجـي چـپـن هـو، تـوکـي هـڪ تحفو ڏنو.

ڪـيڏي تنـهـا رات آ، ڪـيـڏو تـنـهـا مان،
ويٺو تنهنجي خوابَ جو، رسـتو واجـهايان،
مون کي پسي ننڊ ۾ ‎موٽي هو نه مـتان،
مان يرَ ان ڀوَ کان، اکڙيون ڀي ٻوٽيان نه ٿو.

رستا ڪيڏا بي چسا، ڪيڏو سڃ سکر،
مون کي منهنجو گهر، توبن کائڻ ٿو اچي.

هيءَ منهنجي زندگي، ڪيڏي آ بـي چـين،
ويچاري هڪ پين، ساٿ ڏيندي ڪيستائين.

روشـــن راهـــــون رات جـون، اونـده رســتـا ڏيــنــهـن
مون کي تنهنجو ڏينهن، سڀ ڪجهه ڄڻ ته ڏئي ويو.

شامَ ايئن سوچي اٿـيــس، تـوکـي خط لکان،
هڪ ٽـشـو پـيـپـر کـڻـي، تـنـهن ۾ گـل رکـان،
۽ مان پوسٽ ڪيان،سو تنهنجي ائڊريس تي.

شامَ لب ِ مهراڻ تي، ڪيڏو ميلو هو،
بس اڪيلو هو، ماڻهن ۾ ، ساجد رڳو.

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com