اريب شاهه ’انداز‘ جي شاعري

بگڙندو تنهنجو نه ڪجھه، جي ڀروسو ڪيئي الله تي،
آهي ڳالهه يقين جي، ڪير ڪندو ڪنهن جو نه ڪجھه،
ٿيندو اُهو ڪجھه، جيڪو چاهيندو مالڪ جهان ۾.
ــ

پرين تنهنجي پَکن ڏي آئون نه آهيان اچڻو،
ايندس اُنهيءَ ڏينهن، جڏهن ڏيندين شاهدي عشق جي.
ــ

پرينءَ تو هن پيار کي، سمجھيو نه آهي زور،
هجئي ها پيار جيڪڏهن، ته ڪرين ها اظهار مُنهن تي.
ــ

ٽِڙندا رهندا هيءُ گل، وسنديون رهنديون هيءُ دليون،
جڏهين ايندي بهار، ته پاڻهي مُرڪ ايندي مُنهن تي.
ــ

ويندي ويندي پرين، ڏسين نه ٿو مڙين،
جڏهن ڪِري ٿي ڦُري اکين مان، تڏهن خبر پوي ٿي عشق جي.
ــ

ويا گُل سڪي، ويون بهارون مُندن مان،
سڄڻ تنهنجي ياد، مون کي ماريو ائين عشق ۾.
ـــ

تنهين سُڃاتو گلن کي، جن محسوس ڪئي مرڪ،
اسان تنهنجو ڏک پاتو پاڻ ۾.
ــ

تو کي ئي رکيم مَن ۾، تو سان ئي ڪيم پيار،
سڃڻ تنهنجي پيار ۾، رُنو آهيان زار و زار.
ــ

پرين تنهنجي سڏ، منهنجي رکي ناهي لڄ،
ويندي تو ڏانهن، مون ڀُلايو جھان کي.
ــ

جيسين ساهه کڻندين، تيسين ايندي ياد،
هاڻي ڪونهي اُها ڳالهه، جيڪا هُئي پرين اڳ ۾.
ــ

ڏوهاري ڏوهه کان رهندو ڪو نه!
عاشق عشق کان بچندو ڪو نه!
جيسين رهندو ٻنهي ۾ ساهُه!
تيسين ٻنهي مان، اُهو احساس ويندو ڪو نه!
ــ

آهي زور طاقت، محبت جي عشق ۾
ڪن وڃائي زندگي، ته ڪن پاتو پيار.
اَٿئي جيڪڏهن انڪار، ته آزمائي ڏس عشق ۾.
ــ

تنهنجن يادن کي، اڄ به ڪريون ٿا ياد،
گذري ويون آهن جيڪي ڳالهيون، تن کي ڪريون ٿا ياد،
بس اٿم اِها فرياد، وسارج نه مون کي.
ــ

رکي اِهو احساس، ويٺو آهيان ڪنهن وقت کان،
نڪو آيو پيغام، نڪو ڪئي ياد.
بس اِهو ’انداز‘، مون کي تڙپائي ٿو پيار ۾.
ــ

چيو ڏاهن ڪن کي، ڪجو نه پيار تن کي،
سمجھن نه جيڪي پيار، ڀُلايو تن کي،
مانَ رکجو اُن جو، جيڪي هجن قابل عزت جا.
ــ

سڄڻ تون سان ملڻ لاءِ ڪيم سينگار،
تو نه آئين موٽي، تڏهن به اٿم انتظار،
اٿم تو سان پيار، اِهو آسرو رکيم مَن ۾.
ــ

ڏينهن گذريا کوڙ، پر تون نه آئين پَکن ڏي،
واٽ اُها نهاريان، جِتان اچڻو آهين تون،
اکڙيون ناهن ٿڪيون، نڪو ختم ٿيو آ پيار،
اٿم جيسين ساهه، ڪندس تنهنجو انتظار.
ــ

آزمايو اٿم جھان کي، هِت ڪير نه ڪنهن جو،
اٿئي اگر ڏک، لنگھي ڪير نه ايندو،
هجئي ڀلي دوست يا عزيز گهرا تنهنجا،
آهن سڀ پنهنجا، جڏهين آهين تون خوشين ۾.
ــ

مال ملڪيت عزيز اولاد آهن سڀ هِت،
ڪير نه هوندئي گڏ، جڏهن ويندين تو جھان مان.
ــ

چيو گُل خوشبوءَ کي، ڇڏجئين نه مون کي،
آهيان اڌورو تو بن، ڪڏهن نه وسارجين مون کي.
ــ

ڇڏي وڃان وطن ڪيئن، جتي آهن يادون کوڙ،
هُن کي آئون ڪيئن وساري وڃان ڪيئن پرديس،
جِتي گذاريو ننڍپڻ سارو، آهي ابن ڏاڏن جو ديس،
ڇڏي پنهنجو ديس، مون کي ايندو ڪيئن چَين پرديس ۾.
ــ

نظرن ۾ ڪرين پرين تو پاڻ،
اسان اِها ڄاڻ ڏني نه آهي ڪنهن کي.
ــ

پيار جي ٻيڙي ۾، ٿيو آهيان سوار،
يا مون کي ٻوڙي، يا ڪڍي هُن پار.
جيسين آهيان سوار، تيسين آس رکندس پُڄڻ جي.
ــ

نيت تون سُٺي رک، پنهنجي اندر کي تُون سڌار،
پڙهين تون نمازون، ڪرين چڱا کوڙ ڪم ڪار،
نيت رکئي جيسين بُري، تيسين آهن سڀ بي ڪار.
ــ

حسد رکئي تو من ۾، پوءِ آهين بيڪار،
جيئن کائي سُرو ڪاٺ کي، پوءِ ٿيئي نه ڪنهن ڪم ڪار،
پوءِ آهين تون ناڪار، جيڪر رکئي حسد مَن ۾.
ــ

وساريان ڪيئن يار، تنهنجي هِن ياد کي،
وساريو مون انهن کي، جن رکيو نه ياد مون کي.
ــ

هلندي هلندي پرين، ڏٺم خواب تنهنجا،
اِهي خواب حقيقت لڳن ڄڻ مون کي،
ٿِيا خواب پورا، ملين تو مون کي،
پوءِ انهن خوابن جي حقيقت تون ٿيندين.
ــ

رُٺو آهين پرين، تون جنهن ڏينهن کان،
نڪو ڪئي ياد، نڪو ڪئي پيغام،
ٻاهر نڪتا لڙڪ، جيسين هُئا اکين ۾،
هاڻي هِن ڏک کي، ڪڍيان ڪيئن ٻاهر.
جيسين ڳالهائيندين نه يار، تيسين هوندس اِن ڏُک ۾.
ــ

لُٽايو جِن ڌن دولت، فخر ڪيو انهيءَ تي،
سي سڀ مِٽجي ويا، ٿيا خاڪ ۾ خاڪ ٿي،
سبق هي بڻيا جن لاءِ سبق ٿي،
تنين کي فخر نه رهيو پنهنجي پاڻ تي.
ــ

گلاب موتيو زعفران چنبيلي خوشبو سڀ ڏِيَن،
آهن سڀ گل، سُڃاڻپ الگ ڏين،
ڪِن کي وڻي گُل گلاب جو، ته ڪِن کي ٻيا وڻن،
ٽِڙن سڀ ٿا گُل، جڏهن اچي ٿي مند انهن جي.
ــ

اسان ڪجھه نه ڪجھه ڪيو توهان لاءِ،
توهان اڃان ڪجھه نه ڪيو اسان لاءِ،
توهان جيڪو چيو، اسان رکيو ڳجھه،
ٿيندو جيڪو ڪجھه، هوندو نصيب اسان جو.
ــ

مَن سان محبت ڪئي مون تون سان،
                             دل سان سمجھي ڏسو،
اظهار ڪري مون سان،
                        محبت ڪري ڏسو.
غلط ڪيو مون جيڪر محبت ڪري تون سان،
غلطي ڪيم اِها صرف، هاڻي نه ڪندس ڪنهن سان.
ــــ

زندگي جي ڄار ۾، جي ڦاسَين، ته ائين ڦاسندين،
نڪو ڪڍي سگھندي ڳچي، نڪو هڻندين پير،
هڻندين اُهائي ڇير، جيڪا چاهندي زندگي پاڻ.
ــ

سڃڻ تنهنجن يادن کي ڪيئن وساريان،
تون نه ملين، بس يادون سنڀاليان،
آهيان جيسين جيئرو ته هنن کي نه ڀلايان،
هنن جي آسري، بس هاڻي زندگي گذاريان.
ــ

تنهنجي اظهار ۾ به پيار آهي،
تنهنجي انڪار ۾ به پيار آهي،
تون جڏهن مسڪرائيندو آهين،
هي دل به تون ساڻ مسڪرائيندو آهي.
ـــ

هي محبت ملي تون کي هيءُ سک آهي،
جي هي جدا ٿيئي تو کان، ته ڏُک آهي.
جي برداشت ڪرڻ جي همت آهه تون ۾،
ته اها هڪ جدائي تو لاءِ بهتر آهي.
ــــــــــــــــــــــــــ ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com