سنڌو ماتا خدا جي خدائي

عبدالحڪيم جروار

جوانيءَ نازڪ ادائون ٿي طلبيون،
پيار ڀريون ڪي نگاهون ٿي طلبيون.
تو لئه ٿين سي خطائون ٿي طلبيون،
تون پاڻ ڏين سي سزائون ٿي طلبيون،
مگر تو وٽان ڪي وفائون ٿي طلبيون.
۽ خدا کان رڳو هي دعائون ٿي طلبيون،
تو ڏي پڄن سي صدائون ٿي طلبيون،
پر ماتا سنڌوءَ کي جيئن سڪل ڏٺم،
تيئن خدا جي خدائي ڀي کُٽل ڏٺم.
لڙ ۾ ليڊر ڪئين لٿل ڏٺم،
ٺيڪن تي ميڙا ڪئين متل ڏٺم،
ڪچهريون اوطارا ڊٺل ڏٺم،
ثقافت جو ٿيندي قتل ڏٺم،
رانديون به ساريون رُٺل ڏٺم،
ڀوريون ۽ ڪاريون ڪُٺل ڏٺم،
صوفيت ۽ سنڌيت سُتل ڏٺم،
ان گھڙيءَ جي ـ ايم اکڙيون ڀل ڏٺم،
پر اميدون ۽ ارادا ته اٽل ڏٺم،
ٿي چيائين ته تاريخ ورجائيندي،
سڀ طوق غلامي جا لاهيندي،
ڌرتي بئنسر بولو پائيندي،
۽ ڪچهريون قائم ڪرائيندي،
اجڙيل اوطاقون وسائيندي،
مُرڪون مهڪون موٽائيندي،
ڀوريون ساريون بچائيندي،
پنهنجي تهذيب ڪلچر ڪاهيندي،
پنهنجا ڍڳا ۽ گاڏيون واهيندي،
واپس ٽوڪ بازيون لائيندي،
درد ڌريائپ جا گھائيندي،
هر ڪا حيوانيت هيسيائيندي،
سڀ کوٽا خبيثي کُٽائيندي،
ان مهل غريب ڏاڍو گھائيندي،
پر ڳوٺ ڳوٺ کي موٽائيندي،
نئون دنيا شور مچائيندي،
منجھيل مذهب سڀ پڙهائيندي،
ڪي پل اڃان ترسو
وقت ايندو اڃان سستو
هر ڳالهه ڳڻي وٺجو،
سلامت خواب سڀئي رکجو،
پر هڪ ڳالهه آ رهجي وئي،
جا ڪئين هوا آ چئي وئي،
توهان واهڙ واهڙ وڃجو،
۽ هي هر ماڻهوءَ کي چئجو،
سنڌ ملڪ آهي پنهنجو
قابض غدار آهي تُنهنجو
غدار جي آهي موتِ سزا
اچو ته ٺاهيون اهڙي فضا
هي حالات گھڻو ڪجھه ڪندا،
پاڻ ڀي ٿيون ڪجھه اڳڀرا،
سنڌو ماتا آهي خدا جي خدائي،
جھيڙيندڙ سان ناهي جدائي،
بس ها رڳو نعرو اهو هڻون،
سنڌ آهي پنهنجو پرڳڻون.
 


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net