اَي سنڌ، مِٺي سنڌ
(گيت) قلب سومرو
اَي سنڌ، مِٺي سنڌ، تو کي ڳايان مان هر هنڌ، اَي سنڌ منهنجي جِند، تو کي ڳايان مان هر هنڌ. تون آهين ويساهه منهنجو، تو ۾ ئي آ ساهه منهنجو، ٿو پُڪاري سَنڌُ سَنڌُ، اَي سنڌ، مِٺي سنڌ. تنهنجا مان جھر جھنگ گھُمان، تنهنجي مِٽيءَ کي مان ڇُهان، جِيءَ جياري سَنڌ سُڳنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. تو مان مان ڄائو آهيان، تو مان ئي ٿيو سائو آهيان، تو سين آهي اُوچو ڪنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. چاهي ڪاڏي ڏور وڃان مان، چاهي امبر منجھه اڏان مان، ته به تو ڏي جاري رهندو پنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. تنهنجي ويرين سان وڙهندس، غدار گيدين سان لڙندس، جن مچايو آهي انڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ. جڳ ۾ سڀ کان پياري تون، قلب لئي عيد ۽ ڏياري تون، باقي سڀ ڪجھه آهي ڌُنڌ، اي سنڌ، مٺي سنڌ.
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com