تڪليفن جو ازالو
عبدالحڪيم جروار
ٻالڪ ٻڍڙي وات آ تنهنجو نام، او سنڌڙي! صبح توڙي شام. مُلن منڪر، ديسي دلالن رُلايو، پر اسان نه آزاديءَ کي هو ڀُلايو، سگھو وجھنداسين وات سڀني جي لغام، او سنڌڙي! صبح توڙي شام. هاڻي جلدي ختم هي ظلمستان ڪريو، مون تي معافي جو احسان ڪريو، قبر مان روئي چوي پيو قادو حجام، او سنڌڙ! صبح توڙي شام. سنڌڙي پيت خاطر تنهنجا سڏائيندڙ، مڙسي وارو ميدان ڇڏي پاڻ پڏائيندڙ، بي حيائي سان ٿيو وتن گونگا ۽ گمنام، او سنڌڙي! صبح توڙي شام. سڀني تڪليفن جو ٿيندي ازالو ڏسي، يا سموري سنڌ کي اٻالو ڏسي، آزاديءَ لاءِ آزادي جو ٿو پيان جام، او سنڌڙي! صبح توڙي شام. راهه تنهنجي تي جي مرڻ مقدر ٿئي، ۽ اِهو جي جلدي ٿيڻ مقدر ٿئي، پوءِ ”حڪيم“ سڃاتم رب ۽ رام، او سنڌڙي صبح توڙي شام.
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com