سنڌ ۾ ڪرفيو

اعجاز منگي

سکر، حيدرآباد، ڪراچي
رستن ۽ چوواٽن تي،
آنسو گئس جا شيل ڪِرن ٿا!
پنجابي، پختون، مهاجر،
هٿن ۾ بينر ۽ بندوقون،
دانهون ڪن ٿا،
”سنڌ اسان جي آهي!“
دل کي دهشت ۾ ٻوريندڙ
سائرن جو آواز اچي ٿو،
ڪرفيو جو جِنُ،
شهر شهر تي،
خوني چنبا کوڙي ٿو
آڌي رات جو خاموشي آ،
ڀونئڪ ڪُتن جي،
۽ ٻي هلڪي سرگوشي آ،
گھر ۾ ڪجھه کائڻ لاءِ ناهي
سڀان به شهر ۾ ڪرفيو آهي
ڏڪندڙ ڳاٽو،
دريءَ کان ٻاهر
روڊ ڏسي ٿو.
(دشمن ورديون، موت جا پاڇا)
پل لاءِ هو آڪاش ڏسي ٿو
آسمان جو پيلو گل
چنڊ سندس، گھٻرايل اکڙين،
سان الجھي ٿو
سڀان به شهر ۾ ڪرفيو آهي،
تو وٽ کائڻ لاءِ ڪجھه ناهي
پوءِ به مگر تون سنڌي آهين؟
۽ هي ڌرتي تنهنجي آهي؟
چنڊ مٿائنس طنز ڪري ٿو
۽ آڪاش ستارن سان
گڏجي خوب کلي ٿو.


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com