اڙي ڄامشورا!

موڪليندڙ:
مشتاق علي ڪيريو، هالا
paras_848@yahoo.com

                     ــــــــــــــــــــ   مخمور بخاري

اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
ڪڏهن کان اسان لئه
تو پٿر بڻيو آن.
اسان جي حبيبن کي روئاڙي ڇڏيو اٿئي
اسان جي ويرين کي کلائي ڇڏيو اٿئي.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
ڪڏهن کان تنهنجي پٿرن جي زبان به
گونگي بڻي آ.
ڪڏهن کان اسان لئه
اذيتن جو سامان تو پيدا ڪيو آ.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
تو کي خبر آ
تنهنجي پٿرن ۾
ڪيئي الهڙ جوانيون
پنهنجو جوڀن وڃائي ويون هن
پنهنجن خوابن جا احساس،
۽ پنهنجي جوانين جون چاهتون
تو مٿان واري ويون هن.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
اسان جي به من جون ڪٿائون
جي تون ٻڌين ها،
ته ڇا ٿي پوي ها.
سکيء جي ٻانهن جون
ڪچڙيون ۽ ڪومل وليون
منهنجي تن تي جي وکريل رهن ها
ته ڇا ٿي پوي ها .
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
جي ڪنهنجي هٿن جون
ريکائون ٿيان هان،
ته ڇا ٿي پوي ها
مان به ڪنهن کي جي چاهيان ها
۽ ڪوئي جو مون کي به چاهي ها
ته ڇا ٿي پوي ها.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
ڪڏهن کان اسان لئه تون پٿر بڻيو آن
ڪڏهن کان تو اسان کي
پنهنجي هنج ۾ سمهارڻ ڇڏيو آ
ڪڏهن کان اسان لئه تون اجنبي بڻيو آن.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com