ڪنهن ڏي دانهين ٿينداسين؟

اِرم محبوب

 

سج اونڌاهون ۽ ڌرتي ريٽي!
ڪنهن کي مَن جا جھِير ڏيکارينداسين؟
گُونگو چنڊ ۽ ٻوڙو آڪاش!
ڪنهن ڏي دانهِين ٿينداسين؟
دَس سمورا ڀيڙيل آهن، ستن ئي آسمانن جا . . . .
انصاف پِنڻ لاءِ ڪنهن جو در کڙڪائينداسين؟
اَچ اونڌاهين کان رَنگ وٺون ڪي . . .
۽ ’جيئرن لاشن‘ کان اوڌارا ڪِي ساهه!
پوءِ شايد اُنڌاهين جا رَنگ سمورا . . .
۽ لاشن جا ڪي ’ساهه‘ اُڌارا . . . !
گُونگي چنڊ ۽ ٻوڙي آڪاس کي . . .
سِج اونڌاهين ۽ رِيٽي ڌرتيءَ کي . . . ؛
هيتن عرش جو در کڙڪائي . . . .
هِن ڌرتيءَ جي جھانگيرن جي؛
بَل جي دانهن پڄائي سگھندا . . . !
دک جا جھير پَسائي سگھندا . . . !


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com