پيار جي پنڌ ۾
مور ساگر
وڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾، پرين ٿا ائين توکي چاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. سامهون صليب هجي يا ڀل، وڇايل واٽ تي ڪنڊا، ڪڏهن واپس وريا ناهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. اڪيلائيون ڊگھيون راتيون، چڪن ٿا گھاوَ يادن جا، ويٺا واهڙ اکئين واهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. ڇَتا تو هئا ڇڏيا ڇوڙي، ڀُنل هو بُت بارش ۾، گھڙيون سي ياد هن آيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنهنجو اوسيئڙو، ڏيئي وانگي ٻريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. پُڇين ٿي پنهنجي ساگر کان، جيئان ٿو ڪئين بنا تنهنجي، ڪڏهن ڊاهيون ڪڏهن ٺاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾. مــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــووــــــــــــــــــــــــــــر ســــــــــــــــاگـــــــــــــــــــــر
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com