|
|
غزل مخدوم طالب المولى موڪليندڙ: خير محمد هنڱورجو
بظاهر جيڪي داناه ها سي ديوانا ٿيا اڻـــــلڀ، صدا افسوس آهي ديوانائي ۾ دانا ٿيا اڻلڀ.
جتي ساقي نگاهن سان، ڪندا پرڪيف ها، پياري، ڪٿي سي سرزمينون، اڄ هو ميخانا ٿيا اڻـــــلڀ.
رڳي ئي فحش گوئي، ۽ رڳي ئي آهي بيهوشي، هئا جي هوش آور، اڄ سي به مستانا ٿيا اڻــــلڀ.
مڃي جن دل سان مستن کي ڪيو ٿي اعتراف اُنِجو، اهـــــــا اڄ عقلمندي ۽ هــــــــــو فرزانا ٿيـــــا اڻــــــــــــلڀ.
وڃائي واٽ ٿو هرڪو، ويهي ماڻهن جي جهنگل ۾، ضيا جتِ عشق واري هُئي، سي خسخانا ٿيا اڻلڀ.
ڪرڻ احســــــان اڄ ڪنهن تي پوڻ آزار ۾ آهي، مڃڻ کي ڏيو ڇڏي پر صرف شڪرانا ٿيا اڻلڀ.
اڃان پيري ۽ مخدومي کي تون چنبڙيو پيو آهين، چريا هو نـــــيهن وارا جي ها نـــــــــــذرانا ٿيا اڻلڀ.
رڳو تاب ۽ عتاب آهي، رڳو خوف ۽ حراس آهي، اڳوڻا هــــــــــــمنوا ۽ شــــــــان شاهـــــــــــانا ٿيا اڻلڀ.
سياست آهي ڪاهي پئي اڄوڪي عشق بازي ۾، اچي خود مــــطلبي ويئي، جوشِ جانان ٿيا اڻلڀ.
فقط اڄ شمع ٿي روئي رڙي اي طالب الموليٰ،
ڏِيَن جي سر
اچي هڪدم سي پروانا ٿيا اڻلڀ.
|
|
|