سنڌ ديس جا او واسي
nisarpoet79@yahoo.com
نثاراحمد ناز
سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي سو وقت نيٺ ايندو مهڪي چمن به ويندو آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو رهندي نه رات هاڻي ڪا رات هت اُماسي سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي پنهنجي ته آشيان جو، سپنن جي ساڀيان جو هر گام همرچي سان سُوراج آجيان جو اعلان جلد ٿيندو، ٻُڌندا خبر خُلاصي سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي ڪنهن جي نه ڪاڻ هُوندي، ميزان ساڻ هوندي انصاف جي ته ديوي ايمان ساڻ هُوندِي تُرندي نه ساهمي ڪا هي ناز هيڪ پاسِي سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هُوندِي خاصِي
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com