|
|
تلاش آ. . . عيني سنڌو
پرهه جي ٿڌري هير ۾
ڪنهن دل سوز جهونڪي جي هر خواهش ۾ ڪنهن اڻ
پوري خواهش جي هر ياد ۾ ڪنهن گمنام
ياد جي، هر خواب ۾ ڪنهن سچي
خواب جي ستارن ڀري آڪاش ۾
ڪنهن روشن ستاري جي هن بي وفا دنيا ۾
ڪنهن وفا جي هن خاموش زندگي ۾
ڪنهن آواز جي تلاش آ هن نفرتن جي ديس ۾
ڪنهن پيار جي هن ويرين جي نگر ۾،
ڪنهن دوست جي هن فريب جي دنيا ۾
ڪنهن سچائي جي، هن ارمانن جي سمنڊ
۾، ڪنهن حقيقي لهر جي |
|
|