باقي سنڌ به وڪڻي ڇڏيو . ..  .!

ملڪ نديم
انتخاب: شاهنواز سومرو

 

ڪشمور کان ڪراچي تائين

توھان،

سنڌ جون ٻنيون وڪيون

جي توھان سنڌي ھئا

 

توھان سنڌ جا

تيل وڪيا،

ريل وڪيا،

گيس وڪيا،

ويسَ وڪيا،

زمين جا خزانا وڪيا،

ڪُل ڪارخانا وڪيا،

اَڱر وڪيا،

سڱر وڪيا،

ڀريل گدام وڪيا،

صبح ۽ شام وڪيا،

ڪوئلا وڪيا،

مسئلا وڪيا،

ڀاڻ وڪيا کاڻ وڪيا،

موتي ۽ ھيرا وڪيا،

سون جا سويرا وڪيا،

درگاھون وڪيون،

مارن جون پناھون وڪيون،

ڳوٺ وڪيا ڪوٽ وڪيا،

شھر وڪيا بحر وڪيا،

ٿر وڪيا بَر وڪيا،

جبل جھنگ وڪيا،

سنڌ جا رنگ وڪيا،

سنڌ جا سمنڊ ست وڪيا،

ٻيٽ ڊيلٽا ھٽ وڪيا،

باقي سنڌ اسان لاءِ خالي بچي،

باقي سرحد سوالي بچي؟

اھا به ھڪو ھڪ وڪڻي ڇڏيو،

وڪڻي ڇڏيو تڪڻي ڇڏيو،

ڇو جو اسان نڌڻڪا آھيون،

ڇو جو اسان ڪَڻا ڪَڻا آھيون،

سڄي دنيا ۾،

مان سمجھان ٿو،

سؤ ڏيڍ کرب پتي ھوندا،

انھن مان پندرھن ويھ،

توھانجو اشتھار ڏسندا،

اچي سنڌ تي واڪ ڏيندا،

توھان کان اچي سنڌ وٺندا،

توھان جا خزانا ڀرجي ويندا،

توھان جا کِيسا ڀرجي ويندا،

پوءِ توھان جھاز خريدي،

سڄي دنيا ۾ گھمندا وتو،

ھر مُلڪ ۾ محل وٺندا وتو،

پنھنجن مائٽن ٻارن کي،

پنھنجي دوست ڀاڱي ڀائيوارن کي،

عياشيون ڪرائيندا وتو،

پنھنجون ڌيون پرڻائيندا وتو،

ھتي رھيل،

بچيل ڪچيل،

سيٺ وڏيرا سردار ڪامورا،

وڏي ورديءَ پوليس وارا،

نون حاڪمن جا طبلچي ٿيندا،

جيئن ھُيا انگريزن جا،

ڌاريا دھلچي ٿيندا،

جيئن ھُيا انگريزن جا،

ڌاريا دھلچي ٿيندا،

جيئن ھُيا سابق حاڪمن جا،

باقي رھياسون اسان،

سنڌي ھاري ناري،

پورھيت ڪمي ڪاري،

سنڌي قوم قديم،

تاريخن ۾ عظيم،

موھن جي دڙي کان مون تائين،

بچندڙ وڌندڙ ترقي ڪندڙ سنڌي ٻولي،

اسان جي پورھيت ماءُ جي لولي،

جيستائين اسان سان آھي،

تيسين اسان سان ڪجھ ٿيڻو ناھي،

اسان کي،

نوان حاڪم غلام سمجھندا،

اسان پاڻ کي،

انھن جو غلام ٿيڻ نه ڏينداسي،

جياپي جي جنگ جوٽينداسي،

جنگ شروع کان،

جاري آھي،

جاري رھندي،

جيئڻ ڪارڻ جنگ ڪنداسي،

بچڻ خاطر وڏا وس ڪنداسي،

پراڻا نظام ڊاھينداسي،

نوان نظام ڏينداسي،

قومي رنگ رنڱاوت جا،

محبت ۽ مساوات جا.

 

روزاني عوامي آواز خميس 30 آڪٽوبر 2008-10-30


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com