سينٽرل جيل ڪراچي جي قيدي جو ڄامشوري لاءِ پيغام

راجا ڏاهر تيوڻو

 

او اويلا ڪڪر، منهنجي نيڻن جا گھر
اڄ تکو ٿو وڃي، بي ليکو ٿو وڃين
جي وڃين ٿو ته، ٻڌ ڳالهه هڪڙي پرين
ٽن يونيورسٽين جي هنج ۾ اٿئي منهنجو گھر
منهنجي جيجل جي در ۾ ئي هوندءِ نظر
ان جي پيرن تي برسي ڏجانءِ تو چُمي
چئج ان کي ته تنهنجي جگر جو ٽڪر
پنهنجي جوڀن جا ڪجهه ڏينهن جيلن پٺيان
تنهنجي لولي بچائيندي آهي ويو
ان لاءِ پنهنجي هٿن سان امان دعا ته گھُر
جيئن سڦل ٿي پوي، تنهنجي ٻولي بچي
۽ ڪروڙين سنڌين جي جيئن جهولي بچي
ان لاءِ پهريا آهن، اڄ وري هي سنگھر
او اويلا ڪڪر، منهنجي نيڻن جا گھر
ان شهر جي سري ٻئي ۾ هوءَ ٿي رهئي
جنهن جو چهرو هت مون سان گڏ ٿو رهي
ان جي چهري تي برسين ته چئجانس هيئن
پنهنجي ڪومل ادائن سان ڪُهندڙ پري
تنهنجي محبوب تنهجي حفاظت جي لئه
پنهنجي پيرن ۾ پاتا آهن اڄ نيئر
جيئن توکي تڪي نه ئي لنگور ڪو
جيئن توکي ڏسي نه ڪوئي مجبور ڪو
تنهنجي ڀاڪرن کان ڪجهه ڏينهن آهيان پري
تنهنجي وارن جي ڇانئن ۾ رهبو وري
تنهنجي مڌُ جي پيالن کي پيئبو وري
بس ٻه ٽي ڏينهن ڏي يار مون کي به ڍر
پنهنجي ڌرتي جي ويرين کي ماري اچان
ڏينهن جيلن ۾ به چار ڪاٽي اچان
تون سهيلين جي وچ ۾ رهين مهڪندڙ
او اويلا ڪڪر، منهنجي نيڻن جا گھر
ان شهر ۾ سوين، دوست احباب هِن
ان شهر ۾ سوين منهنجا اڌ خواب هِن
ان شهر نامور جي پڍن کي چمي
منهنجي نياپي جا هي لفظ چئجان وڃين
سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ ۽ لمس جا
نوجوان ساٿيو، سنڌ جا وارثو
انقلابين جا آهيو اوهان ئي ته ير
ڏڍُ، همٿون، ۽ جوالا ۽ ڀَرَ
او اويلا ڪڪر منهنجي نيڻن جا گھر
ڄام شوري جي دلڪش مٺي شام کي
چئج هيئن تون وڃين، منهنجا پيارا پرين
نيٺ ٽٽندا سنگھر، نيٺ لهندا نيئر
نيٺ ڊهنديون هي ديوارون دوکي سنديون
نيٺ ”ڏاهر“ جي نظمن کي ملندي زبان
نيٺ توڏي وربو، او سهڻا شهر
نيٺ آزاد سنڌوديش ٿيندي وري
نيٺ هر قوم جا ٿيندا آجا نيئر
او! اويلا ڪڪر، او اويلا ڪڪر.

 

 

 

ساڃاهه: جنوري، فيبروري، مارچ 2008


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com