ٽارچر سيل ۾ غيرتمند فرزند جي ٻولي
راجا ڏاهر تيوڻو
تو سنگينن کي سيني تي تاڻي چيو مڃ ته تون ئي وڏو ڪو اُگرواد آن ها مڃان ٿو، مڃيو مون، مڃيونسين اهو پنهنجي ڌرتي جي دشمنن کي ڦارون ڪندس لاش تنهنجي کي لوڀي، اڙي لالچي پنهنجي رولو ڪتن جي حوالي ڪندس منهنجي تقدير ۾ آ بغاوت لکيل منهنجي سيني ۾ سنڌو جو نقشو چٽيل مون کي جيجل جي آ مٺڙي لولي ڏنل پنهنجي سرتيءَ جي عصمت جو رکوال مان تنهنجا قانون ڪوڙا، ڪڙا ڪلف سڀ پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيا او! فرنگي حرامي جا ڪارا نسل پنهنجي ڦٽڪن جي ڦڙ ڦڙ سان ڇا ٿو پڇين؟ تنهنجي شاڪن ۾ اهڙي طاقت به ڪٿي جيڪا منهنجي هماليه کي جھوري وجھي تنهنجي منهن مان ڪُتا ڪارا گِٿ پئي ڳڙي منهنجي چهري تي ڏس پوءِ به مسڪرائٽ آ خون منهنجو گلابن کي ڏيندو بقا منهنجي رت جي سرشتي ۾ آهي وفا او! لنگور لاهور جا بيغيرت مان ڪلاچي جي ديبل جو وارث به هان مون کي مڪليءَ جي مٽيءَ مان ٺاهيو ويو مون کي کرڙي ۽ ٽلٽي وڌي آ سُتي منهنجي تهذيب جو اوج، موهن دڙو پنهنجي اسلامي بڪ بڪ کي ڪر بند تون مون کي مذهب جي نالي ۾ ڌوڪو نه ڏي مون صحيفا سمورا پڙهي پي ڇڏيا.
ساڃاهه: جنوري، فيبروري، مارچ 2008
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com