معاشرتي برائين خلاف دل ۾ دکندڙ چڻنگ

  آصف جوڻو 

 
 

خوشي آ غمي آ غمي آ خوشي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

هتي دوکا مطلب سڄڻ عام ڏسندين

حياتي ۾ ڏک درد تون جام ڏسندين

سوين سونهن وارا تون گلفام ڏسندين

ڏنگا چور ماڻهو تون بدنام ڏسندين

خوشين ۾ لڪل يار ماتا ۾ ڏسندين

مڪاري ۽ مطلب صبح شام ڏسندين

سٻاجھا ۽ سادا ڦرڻ ۽ لٽڻ لئــه

وڇايل شڪارين جا تون دام ڏسندين

جتي سادگي آ اتي ئي ٺڳي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

مڃيم ته ابن آدم جو شيطان ويري

لکيو جنهن کي آدم جو قرآن ويري

آ انسان جو سچ ته انسان ويري

رعايا جو يارو آ سلطان ويري

برا ڪم ڪري خود کي نقصان ڏيون ٿا

پنهنجي جان جو جيئن پروان ويري

خدا کي وساري گهرون غير کان ٿا

ڪندو ڪيئن دردن جو درمان ويري

دنيا مطلبي آ دنيا لالچي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

زماني ۾ ڏسندين رڳو يار نفرت

رڳو نالو خالي رهيو آ محبت

وئي موڪلائي آ الفت ۽ چاهه

ڏسان ٿو ته اڄڪلهه آ گهر گهر ۾ ڪلفت

ڪري پيءَ کان پيو ڏسو پٽ بغاوت

ڏيڻ جھڻڪون مائٽن کي آ پٽ جي عادت

جھالت وڌي وئي هلي وئي آ لياقت

آيو ڊش جو ڪلچر ختم ٿي عبادت

سچي چاهت نه ڪاٿي رهي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

 

هتي هر ڪو پئسي کي اهميت ڏئي ٿو

ڏسي يار زر نر به ننگو نچي ٿو

رڳو پئسو پئسو ڪندو هو وتي ٿو

پاپي پيٽ جي لاءِ هر ڪو لڇي ٿو

هو جائز ناجائز نه ڪجھ ڀي ڏسي ٿو

هو چوريون ڪري ٿو ۽ ڌاڙا هڻي ٿو

هتي هر ڪو زر جي ئي پوڄا ڪري ٿو

پنهنجون عزتون پڻ وڃائي ڇڏي ٿو

ڏسو اڄ ٽڪن ٻن تي عزت وڪي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

عجب جڳ جون يارو ڏٺيون مون دغائون

وفائون به پرکيم ۽ پرکيم جفائون

چون دوستن کي پٽيون خوب کائون

ائين کائيندا ڄڻ هجن ڪي بلائون

ڦرڻ لاءِ جوڙيندا ڪوڙيون ڪٿائون

۽ کائي ڪندا پوءِ پرپٺ گلائون

زمانو چڱي ريت پرکي ڏٺو اٿم

تڏهن سچ چوان ٿو ناهيان ڪوڙو آئون

رهيو آهي نالو ڪٿي دوستي جو

اها زندگي آ ها هي زندگي آ

نياڻي سامائي نه مائٽن اٿاري

اڇا وار ٿي ويا مگر پوءِ به ڪنواري

ڪڏهن حق بخشڻ جي ڪنهن سوچ ڌاري

ڪڏهن پوڙهي کي ڪنهن ننڍي ڪنوار ڏياري

لکيو هو هي اخبار پٽ ماءُ ماري

ڪڏهن ڀاءُ ماري ڀيڻ ڪاري

ڏسي حال اهڙو ڪئي شيطان زاري

اها ڳالهه ماڻهن آ ڇا لئه وساري

ته ڪارو ۽ ڪاري رسم ڪيئن وڌي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

 

رعايا بکي هو پيو بم بڻائي

۽ معصوم ماڻهن تي پيو ٿو وسائي

ڪڏهن نالي مذهب جي ماڻهو لڙائي

۽ انسانيت کي تباهيءَ ڏي لائي

عجب کيل سياست جو ظالم رچائي

هو مظلوم ماڻهن کي پيو ٿو ڪهائي

ڏوهاري پيو خود عدالت هلائي

امن جو پيامبر هو خود کي سڏائي

قيامت جي هيءَ هڪ نشاني چٽي آ

اها زندگي آ هيءَ زندگي آ

جھالت ڀريا خوب ميلا مچائن

ڏسو ڪڪڙ شرطن تي ويٺا لڙائن

رڇن ۽ ڪتن جون بڇون ٿا ڪرائن

سوئر جي پٺيان پيا ڪتن کي ڀڄائن

جمع ڪيل پونجي جوا ۾ هارائن

۽ شهپر وٽي خود کي خفتي سڏائن

ٺرو واپرائن ۽ رنڊيون نچائن

پنهنجو پاڻ کي مڙس ماڻهو چوائن

هي خامي مون هر مرد ٻئي ۾ ڏٺي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

اڇا وار رنگ سان  ڪارا ڪرائن

ڪراڙا به خود کي جوان مرد ڀانئن

اٽو ڪين گهر ۾ ۽ ڪاٽن ٿا پائن

کڻي ساڻ لونڊا پيا ٿا گهائڻ

هو پنهنجا وساري پراوا نپائن

برايون ڪري ٿا ضميرن کي گهائن

قوم لوط وانگي نرن کي نچائن

ڪڌايون ڪري پوءِ هي ڳالهيون هلائن

فلاڻي سان منهنجي سچي عاشقي آ

احا زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

 

عجب اڄ زمينداري آهي ڏٺي مون

ٿئي قرضي هاري هي سازش رٿي وئي

ڏئي يار هيڪوڻ چئونڻي لکي وئي

اڳي چيٽ هو ۽ کڻي اڄ ڪَتي وئي

اپت هارين کان سموري کسي وئي

ڪيو ليکو هاريءَ نه هن جي ٻڌي وئي

ڏئي دڙڪا هن جي زبان بند ڪئي وئي آهي

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

ٻڌون ٿا ته ڌاڙيل هت ناميارا

مگر اصلي ڌاڙيل پوليس وارا

گهمن ڏوهي آزاد جيڪي سگهارا

بنان ڏوهه مسڪين ٻڌجن ويچارا

جڙن ڪيس ماڻهن تي ڪوڙا ڪسارا

ظلم ۽ جبر جا هتي ڪئي نظارا

دلاليءَ جا اڏا ۽ رشوت جا مرڪز

هي ٿاڻا ۽ انصاف وارا ادارا

جتي هلندي پوليس جي هڪ هٽي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

چون ٿا آهي علم روشنائي

علم ۾ ئي آهي سڀن جي ڀلائي

مگر هيءَ به هڪڙي ڪڙي آ سچائي

ته اسڪول ۾ ناهي پهرين پڙهائي

ڪچهري ڪندا ماستر پيا اجائي

نه پيرڊ وٺن ڪو رڳو واندڪائي

عمارت ٺهي ٻارڙن جي پڙهڻ لئــه

مگر ڪم وڏيرن کي ڀانڍي لـئــه آئي

هتي ٻيڙي تعليم جي ائين ٻڏي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

 

ننڍين ڳالهين تان قبيلا وڙهن ٿا

بنان ڏوهه مظلوم ماڻهو مرن ٿا

هو رت پاڻي وانگر وهائي ڇڏن ٿا

ڪري خون پڇتاءُ بلڪل نه ڪن ٿا

صدين تائين جھڳڙا هي هلندا رهن ٿا

وري فيصلن لاءِ جرڳا ٿين ٿا

قسم ڪوڙا شاهد وڏا جت کڻن ٿا

جتي فيصلا پڻ پسند جا ٿين ٿا

ٿيندي ڳالھ ٿوريءَ تان هت دشمني آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

جي سک هن ته جنت جي ڏک جڳ جھنم

سرءُ سردي گرمي بهارن جا موسم

اڳي عيد ۽ پوءِ آهي ماه ماتم

جسم ۾ رهي جيستائين به ٿو دم

ٿين پورا هڪڙا اچن ٿا ٻيا ڪم

ڪڏهن آ خوشي ۽ ڪڏهن اک آ پُرنم

لکي ڇا زندگيءَ تي ڇا هي ”جوڻو آصف“

خوشي تي لکي يا لکي قوم جو غم

مٺي آ ڪڙي آ ڪڙي آ مٺي آ

اها زندگي آ ها هيءَ زندگي آ

 

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net