تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ

  امتياز عادل سومرو

 
 

تون پاپ کي او پاپي! ڪيڏو ته ٿو پڏائين

۽ پيار  کي  هزار  ٿو  پرزا  ڪري  ورهائين

 تون   لالچي   لٽيرو   لاهور   ٿو   وسائين

مان  سن کي  ٿو قومي قبلو مڃان سدائين

                             تنهنجو الڳ عقيدو منهنجو به پير ٻيوآ

                            تنهنجو ضمير ٻيو آ منهنجو ضمير ٻيو آ

هي   ظلم   آ   سراسر   بيدادگي   نسوري

ڪنهن جي حصي جو پاڻي ڪنهن کان جي کسجي زوري

مؤجن جي مند ۾ ٿي مهراڻ مان ٿئي چوري

 او  عالمي  ادارا !  ڀل  ساک  ڏيو  سدوري

                            هڪڙو ڪچو آ شاهد ۽ ٻيو مشير ٻيو آ

                            تنهنجو ضمير ٻيو آ منهنجو ضمير ٻيو آ

تو سنڌ ٿي کپائي گهر گهاٽ تي ڏئي هوڪو

مون قوم ٿي بچائي شاهد ملير مورو

سنڌ سونهن سان سچو مان تنهنجو ڌرم ئي ڌوڪو

منهنجو  ته  ڏوهه  ناهي  تنهنجو  به  ناهي  ڇو  جو

                              تنهجو خمير ٻيو آ، منهنجو خمير ٻيو آ

                           تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ

 تو   آبرو   امن   جا   بيهي   ڪڍيا   جنازا

مان پاڻ ٿو ڏسان پيو پنهنجي اکين سان  لاشا

ڪنهن ڀيڻ جي ڳلن تان ڳوڙها اگهيئي نه تازا

 مظلوم   مائرن   جا   بيهي   ڏٺئي   تماشا  !

                                تو ٿڃ ناهي پيتي، پيتو ڪو کير ٻيو آ

                           تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ

هٿ هٿ ۾ ڏئي چيو مون تو  هٿڪڙيون  لڳايون

ديدن جي ڳالهه ڪئي مون تو ٿي ڏسيون دوناليون

ڳل تي  نه  چپ  ڀلي  رک  ٽانڊا  نه  وڃ  وڇايون

منهنجون ته ڪوششون ڄڻ ”عادل“ ويون اجايون

                            زلفن جو مون گهريو تو آندو زنجير ٻيو آ

                           تنهنجو ضمير ٻيو آ منهنجو ضمير ٻيو آ


                                   باهه  ٿو  فردوس   ۾   ٻاري  ڇڏي!

                                سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

پيار  جا  پاپي   ائين   پسٽل   کڻي

گام تان گهوري ٻه ٽي گوليون هڻي

جهنگ جي قانون ڪاري  جا  ڌڻي

                                    ڇو  گلابي  جسم ٿو  ٺاري  ڇڏين !

                                سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

وحشتن جا ڏيهه ۾ ڏئي واڪ تون

 ۽  ارادا  ۡخود   کڻي   ناپاڪ   تون

پيار جي پرزا ڪري پوشاڪ  تون

                               نينهن  کي  ننگو   ٿو   بيهاري   ڇڏي !

                               سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏي !

شاهديون مهراڻ جون ڇوليون ڀري

جي ڏين  تو  تي  منهنجي  دل ٺري

عشق جي الزام ۾   قابو   ڪري

                               تون سنڌؤ  ۾  لاش  ٿو  تاري  ڇڏين ! 

                              سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

 نفرتون   بندوق   ۾   پيو   ٿو   ڀرين

سونهن سڪ تي روز ٿو حملا ڪرين

شل ٻڏين پنهنجي پگهر  ۾  تون  مرين

                              خون سان ڇو ٿو خوشيون ڌئاري ڇڏين!

                               سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

تو محبت جي نه سمجهي ماجرا

دل جي دنيا کا  صفا  ڄڻ  اوپرا

اواڙي !  آدم  جا  ارڏا   ڇوڪرا

                                  تون  حوا  کي  رت  ٿو  رئاري  ڇڏين!

                               سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

 شڪ   جا  شيطان  سڀ  سمهندا  وري

  سونهن  سِڪَ  آزاد  ٿي   گهمندا   وري

ڪي ته ڪنهن جا هٿ وٺي چمندا وري

                                حوصلا  ”عادل“  متان  هاري  ڇڏين !

                               سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net