حيلم باغي جي شاعري

 

هيءَ ڌرتي رت اوڇارن سان اڄ ٽامي وانگر ٽڙڪي ٿي
۽ ڀوريءَ ڀوري ڀونءِ مٿان ڪا باهه ڀنڀر ڪا ڀڙڪي ٿي
ٿو ڪک ۾ ڪپ ڪچراٽ ڪري ڪا گولي هڏ سان ٺڙڪي ٿي
هي ريٽي رت جا رنگ ڏسي اڄ غير جي ڇاتي ڌڙڪي ٿي
هن لال لهوءَ سان او لالڻ ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا
ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان ڪي وارا به نيارا بڻجي ويا

هيءُ ملڪ نه جنرل جي پيءُ جو، هيءَ مٽي منهنجي تنهنجي آ
”ٿو ملڪ کپي ماڻهو نه کپن“ هيءَ ڳالهه او ٽڪا! اهنجي آ
هڪ لاش لتاڙي رهڻو ٿئي هونئن سنڌ نه سستي سهنجي آ
بندوق ڏسيندي آرڻ ۾ هيءَ ڌرتي آخر ڪنهنجي آ
رت ساڻ ته پِڙَ وهنجارڻ لاءِ سينا به ڦوهارا بڻجي ويا
ير! ٽوڙهي وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.

چئه ڪنهن جو ناهي جيءُ جھريو هي ڪارو قتلِ عام ڏسي
هر ماءُ رنو ٿئي پار ڪڍي سر بندوقن جي لام ڏسي
هر ڀيڻ جي دل بيروت بڻي هيءٌ وک وک تي ويٽنام ڏسي
او پير وڏا! او مير وڏا! پر تنهنجي هٿ ۾ جام ڏسي
هر سنڌيءَ جا ڏند تڻجي پيا ٽانڊا تارا بڻجي ويا

جنهن حق کسيا هت ماڻهن جا، سو ڊاڪو آهه لٽيرو آ
سو حج ڪري، قرآن پڙهي پر قاتل سوئر پيرو آ
غازي يا مجاهد ڀل سڏجي، بي بڻيادو بي ديرو آ
ڪهڙا به رکائي نانءُ اچي، سو ڍيرائي آ ڍيرو آ
هر سنڌي جا ڏند تڻجي ويا ۽ ٽانڊا تارا بڻجي ويا
ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.

هي هيڏا پيا ٿا ڪيس ٿين پر تو کي ڪو ويچار نه آ
هي وسيل ويڙها اجڙي ويا پر تو تي ڄڻ ته ميار نه آ
جي هاڻ به ڪجھه نه ويچاريئي ته پوءِ تو جھڙو غدار نه آ
ڇا تو کي چئجي هڪ جيڏا غدار جھڙي ٻي گار نه آ
غدار ته سورهيه قوم جي لاءِ ــ گند جا کارا بڻجي ويا
ير! ٽوڙهي جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا

هي ڌاڙيلن جا ساٿاري، هو هيروئن جا واپاري
انصاف جا ٺيڪيدار ٿيا، بينگال جي خون جا کيڏاري
هت حق گھرندڙ لئه گوليون ۽ چورن جي هت چوياري
تون ڪيستائين ڀاءَ ڀلا! ان پرمارن جو پوڄاري
گس ٽريا پنهنجا غيرن کان ۽ چٽڙا چارا بڻجي ويا
ير! ٽوڙهي وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.

اٿ سانباهو ڪر مقتل ڏي ٿو ساري رت شهيدن جو
هو ڪارونجھر جي ڪور مٿان، آ اڀريو سج اميدن جو
هن ڌرتيءَ تان ڌوڦار ڪبو ها! پاڙو هاڻ پليدن جو
اولاد لڏائي ڇڏڻو آ بي لڄ يارن بي ديدن جو
هن جوءِ جا وارث جاڳي پيا ۽ ديس دلارا بڻجي ويا
ير! ٽوڙهي وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
 

 

Next

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net