حيلم باغي جي شاعري

 

منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو
ٻرندڙ بر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو

اڪ اڃارا، ٻوهه اڃارا، مرگهه اڃارا نيڻ
ڳوڙهن ڳوڙهه اسان جون ڳالهيون سڏ اوسارا نيڻ
هونئن ته لڙڪ لکئي جا ليکا پر متوارا نيڻ.
ڇپر ڇمر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

ڪرڪي ڪونج ته ڄڻ ته ڪريجي ۾ ڪو ڪانءُ کتو
تاڙي جيئن تنواريو ڇرڪيو ڪوئي سور ستو
ڪڻڇي ڪنٺ ۾ پلٽي پيو آ دل جو درد ڌتو
هاڻ زهر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

رڻ ۾ روهيڙي جيئن ڪوئي رت هاري ويراڳي
تو کي تَنهن جي ڪل ئي ڪهڙي، او وينگس! وڏ ڀاڳي
نکٽ نکٽ کي مون آ نهاريو، جوڳيسر جيئن جاڳي
پوئين پهر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

هونئن ته ڏک ڏڪار به آ، پوءِ به پسي جا ٻيڙا
تو کي ڪرڙ ڪڪوريا آڇين هيل ته آءُ پهيڙا
گج جا ٽونئر گسن ۾ پٿريان، پٿريان چنريءَ ريڙا
صبر ستر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

ساٺيڪي تي هيل سنجيندي منهنجيون اکڙيون ڀربيون
آواڙي جي اوٽ ۾ ويهي، تو سان ڳالهيون ڳرهبيون
ويساکيءَ جي واريءَ ڀرجي، منهنجيون ديدون ڌربيون
سوچ سڄر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

ڏهريءَ ۾ ٽانڪار نه ٽهڪي، ڪونڀٽ لاسون ڪاريون
توکي اڪنڊي ڀورا بادل! ڄاڻ ته رنيون ڄاريون
گھانگھيٽي ۾ گل نه اڇائين، مور اڙيون ماٺاريون
ڏک ڏڪر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

مهريءَ تي مولهئي سان سوچي هڪڙو ڏجھندڙ ڏوٿي
ڪونج ڳچي جي هنسلي وڪڻي گھر جي ٻاريم جوتي
پٽري کي پيزار نه پيزار نه پيرين، ڌيءَ وٽ ناهي پوتي
سانگ سمر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

تون پاڻياري ڪهڙي تڙ جي، هيڏو پياسو آئون
کائر کارو ڏينهه واٽهڙو! هونڌ ڪريان هٿ ڇانئون
ٻاٻيها به ٻريو سارڻ تي، ڪن پيا مينهن پڇائون
پاڪ پلر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

رحمت ريلا روحل ستگر، پلٽيو پاڻي پوئين
ڪيچ ڪِراڙن ڪنڌ ڀڄي پيا، راڄ مهاڄڻ روئين
ڏندڻيا ڏيهه ڏڪاريا مارو مُرڪيو مينڍا ڌوئين
آهه اثر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

لوئيءَ جا لڄپال محمد صه مدني صه ماڙ منجيندين
ڇلرن جيئن ڇڳيرا ڇٽ ور، منهنجا مرض ڪٽيندين
سام پئي کي سيد سهڻا صه، پنهنجو سڱ سڏيندين
هُل حشر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
 

 

Next

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net