|
هن وقت ويريءَ جي هٿان، جھٽجي
وڃون تون مان متان،
رت باهه واريءَ رات ۾، بارود جي برسات ۾.
ڪوساڻ به آ، ڪاڙهو به آ، لهسون به هَن ساڙو به آ
توکي نه ڪل مون کي نه ڪل، يا هن پل يا هُن پل
دونهين، ڄرين جي هيءَ اُڇل، اوڏو ڪري پنهنجو اجل.
هي سيڪ هي ڄڀيون جلن، ڄر ڄر ڪريو ٽانڊا وسن
هت ڪير ٿو ڄاڻي پرين،! ڇا وقت ٿو آڻي پرين،
هن دونهين پٺيان ڇا اچي؟ اڱرن جي هيٺان ڇا بچي؟
ٽانڊن جي ساگر جي ڪپر، ڌنڌڪار پٺيان ڇا خبر؟
ويري هجي گھاتو هجي، پنهنجو اجل آتو هجي
هو گوڙ واتيون پيون گڙن، راڪيٽ لانچر پيا ڇڙن،
سڙڪن تي لاشن جا سٿا، بي گھر اباڻن جا جٿا
وستيون جلن ويڙها جلن، ديرا جلن ٻيڙا جلن،
ڦل واڙين جا ڦل ڇڻن، ڀؤنرا ۽ پوپٽ بُل هڻن.
چمپا جون ڪليون کوئجن، ڪنهن جو جئين ٿي ٿو سگھي
منهنجا پرين! ڀورا پرين، هي پل کڻي ٿورا پرين
ماڻيون ته گھڙيون ٿوريون، صدين تي آهن ڳوريون
ڪيڏي چٽي چانڊاڻ آ، ڪيڏو متل مانڊاڻ آ
هي ڇور واهه جون ڇوليون، البيليون اڻ موليون
پيلا سرنهن جا ڦولڙ ان تي وهين جا جھولڙا.
هاريءِ جو پٽ پيهي چڙهي، ڳل تي ۽ ڪن تي هٿ ڏيئي
ڳائي ٿو راڻا رات اچ، ڪنهن ريت ڪنهن ريت اچ.
جوڀن ٻه ٽي ساوڻ مٺا! ڪيڏا! وڇوڙا ڳڻ مٺا!
هي جوت جو درياءَ ٽِپون، يا وچ ئي وچ ۾ ساهه ڏيون.
ڪوئي نٿو ڄاڻي مٺا! جوڀن وٺون ماڻي مٺا.
سو هاڻ اچ هڪوار اچ، رت باهه جي هن پار اچ.
تو کي ڳري لاهيان مٺا، جيون سڦل ٺاهيان مٺا.
هو هو ندورو بم ڦٽي، ان کان اڳي، ان کان اڳي.
گوريلي جو جواب:
مڃيم ته چنڊا آ چوٽ ۾، پر هن ڪاري ڪوٽ ۾،
منهنجو آ ڀاءُ باندي بڻيل، ٻيڙيون وڌل سنگھرون پيل،
درياهه ۾ پئي چاندي وهي، ڇولي چڙهي ڇولي لهي،
چنڊ ڏي چڪوريءَ جو اڏڻ، اونچن سفيدن جو لُڏڻ
پيلي سرنهن جي ڇانءُ ۾، ڳيرو ۽ ڳيري ٽانءُ ۾.
هو هو ڪريو چهنبون هڻن، ڳٽ ڳٽ ڪريو کنڀڙيون هڻن،
ڪيڏو سهانو آ سمو، هي سڀ انهيءَ کان آ گھڻو
هي تنهنجو ڪامڻ گربدن، کنوڻون کنون شعلا اُٿن،
هيءَ تنهنجي اک، هيءَ تنهنجي چڳ، هيءَ سينڌ ڪنهن واهڻ جو دڳ،
ڪنهن واٽهڙوءَ جي منتظر! پر ڇا ڪجي وڻندڙ پٿر!
هي ناهي پنهنجي ڀاڳ ۾، رکيو به ڇا آ راڳ ۾.
هو ڏس ته ڪنهن جا گھر جليا، هو ڏيڍين تي ڊَنوَ هليا،
هو ڀيڻ ڪا لٽجي پئي، هو ماءُ ڪا ٿڏجي پئي،
ويڳاڻيون ويڳاڻيون، ٿاڻن مٿي هو نياڻيون،
ها! ور جن جا ويا ڪسي، ها! ڪانڌ جن جا ويا رسي.
پورهئي پگھر جي پار سان، قرضن سندي انبار سان،
هي کيتين جا ڪاسبي، هي انگ اگھاڙا پاتڻي،
پورهئي رڳون ٽوڙي ڇڏيون، فاقن دليون ٻوڙي ڇڏيون،
منهنجي وطن جا نوجوان، ورسٽين ۽ ڪاليجن منجھان،
تن جا هتي لاشا کِڄن، ڊگرين بجاءِ جيلون ملن،
ڪڙهيو پڄيو راتيون ڪٽن، لوهي زنجيرن سان سٽن،
تن کي ها ڪارا سنتري، هي بابري هي نادري،
پوٽا هلاڪو خان جا، ريگن جا پٽ شمعان جا،
ڪندا هڻيو ڪوڙ اهڻن، ڏورا وڍن گوشت پٽن.
هو ڏورانهن پيون دانهيون اٿن، هو ٻار ڪنهن جا پيا رُئن،
ٿورو ته ان تي غور ڪر! هن ڀونءَ تي هيڏو قهر،
هي ديس سارو پيو دُکي، اکيون ڏکن هينئڙو ڏُکي،
ڪونجيءَ ڳچي، هرڻيءَ اکي، ڏکڻ جي هيرن جي سکي،
او ڪپهه انگي ڪامڻي، هن ڀونءَ هنئي آ ٽامڻي،
تون ۽ مان جھمريون هڻون، ان کان ته ٿي ڪوڙهيا مرون
ڌرتيءَ تي ڌاڙيلا گهمن، ڪنهن کي ٻڌن، ڪنهن کي ڪُهن،
هي سڀ اسين ڏسندا رهون، بس هڪٻئي ۾ گم رهون،
مون کان نه سو پڄندو مٺي! هي ڏيهه ڇا چوندو مٺي،
هي ڪجھه ڏهاڙن جو جيئڻ، ۽ تنهنجي چپڙن مان پيئڻ،
ڪجھه رس جون سُرڪون مٺي! تنهنجون لٽڻ مرڪون مٺي!
دل کي کسيندڙ ڪار آ، پر ڇا ڪجي لاچار آ،
منهنجي بٺيءَ جي ڀر ڏئي، ڪو وات ڦاٽوڙو چئي،
هن ڌوڙ تي ٿڪون هڻو، هن ڀونءِ هيٺا آ ستو،
شاعر! لٻاڙي بِي پِتو، جو جنگ هلندي گھر مُئو.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ــــــــــــــــــــــــــــــــــ
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|