حيلم باغي جي شاعري
فهرست: (نوٽ: هيٺ صرف هر غزل جا پهريان پهريان شعر ڏنا ويا آهن، انهن شعرن تي ڪلڪ ڪرڻ تي مڪمل غزل اوپن ٿي ويندي.)
ڪم ظرف جي ويڪوءَ فطرت تي احساس ملامت ڪئي هوندي چانديءَ جي چمڪ تي وڪجي ويو، ضمير عدالت ڪئي هوندي
اسان جيئن به به جيئي ڪو جھان ۾ سدائين نشان تي سدا امتحان ۾
هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي موسم، هي تعزير جي رُت، وفائن جي موسم.
اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون پرهه مک تي جھومڪ جيان سي سجايون
رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي
ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ
سنڌو ساههَ سنڌَ ۾ سمائي ڇڏي سين حياتيءَ جي موڙي لٽائي ڇڏي سين
هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي، جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.
قضائن جي گھيري ۾ گذريل ڏهاڙا، قتل گاهه آڏو سي نبريل ڏهاڙا.
اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ
اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون، ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون.
هن لال لهوءَ سان او لالڻ ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان ڪي وارا به نيارا بڻجي ويا
هي پنجابين جا بوٽ چٽا، او شوخ هوا او شوخ هوا مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو ٻرندڙ بر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو
عظمتن جي منزلن جون ڪُر نشون نٿيون وڻن، خوشامندون نٿيون وڻن ۽ شابسون نٿيون وڻن وڻي ٿو ماءِ سنڌ جو آب تاب زنده باد انقلاب زنده باد ـــ انقلاب زنده باد
اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا گلن جي موسم ڪَليون نه آنديون، بهارن آندا پٽن جا لاشا
هن ڌرتيءَ جو دستور الٽ هن ملڪ سندو منشور الٽ
مون سا پير ڀرين ها جيڪر تو کي ٿر ۾ ٿانءُ نه ملي ها پر تنهنجي پيرن کي شايد اهڙي آهڙ ڀانءُ نه ملي ها
ولهار سڄو آ واسي پيو انسان اٿيو انسان اٿيو.
ڪارونجھر جي ڪاريءَ چوٽي روپو ڪولهي اڄ به رهي ٿو تو کي ڪا گم ڪونهي گورا! تنهنجو سج ڄاڻ لهي ٿو
هن وقت ويريءَ جي هٿان، جھٽجي وڃون تون مان متان، رت باهه واريءَ رات ۾، بارود جي برسات ۾.
Next
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com