حميد شهيد هالائي جي شاعري

حبيب سنائي

هالا جي هڪ اهم ترين سڃاڻپ اها به آهي ته هالا ۾ رڳو شاعر نه پر پورا شاعر گھراڻا رهندڙ آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چوان ته شاعري ڄڻ ڪن خاندانن ۾ ورثي طور ملندي آهي. پر اهم ڳالهه اها آهي ته ڪافي ابنٖ شاعرن ان پيشي کي دل جي ترنگ سان قبوليو آهي، ۽ ان ميدان ۾ محنت ڪري پنهن جو مقام پاڻ بنايو آهي. اسانجو پيارو سائين حميد شهيد هالائي به ابنٖ شاعر آهي. پر شاعريءَ ۾ سندس مقام ۽ لهجو پنهنجو ئي تراشيل آهي، جيڪو کيس انفرادي حيثيت ڏياري ٿو. 

جيتوڻيڪ هو ماضيءَ ۾ عروضي شعر گھڻا لکندو رهيو آهي ۽ طرحي مشاعرن جو به اهم شاعر رهندو اچي، پر سندس طرحي غزل به عام طرحي شاعرن جي ڀيٽ ۾ منفرد لڳندا آهن. هڪ ته هنن جي غزلن جا موضوع هتان جا ئي آهن، نڪي ڪي ٻي ديس جا، جيئن رواجي عروضي ۽ طرحي شاعري ۾ لڳندو آهي. ٻيو ته سائين حميد جي شاعري ۾ فارسي لفظن سان گڏ تز سنڌي لفظ جو واهپو وڌيڪ ملندو آهي. 

جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري جام لکي پئي وڃي، پر ان ۾ سٺي شاعريءَ جي حصيداري بنهه گھٽ آهي. ان حوالي سان سائين حميد جي شاعريءَ ۾ نه رڳو موضوعي نواڻ آهي. پر اها فڪري گهرائپ توڙي ظرافت سان ڀرپور آهي. چند سال اڳ حميد شهيد هالائي جو شعري مجموعو ”پيار جا پوپٽ ۽ چاهت جا گلاب“ جي صورت ۾ اسان لاءِ سرهائي ۽ سوچ جو سامان کڻي آيو هو. اميد ته هو وري به اسان پنهنجا ڀال ڀلائيندو.  

اسان جي اڪثر شاعرن ۽ اديبن جي ٻين عام ماڻهن توڙي ٻين پروفيشنلز سان روش ڏاڍي انوکي هوندي آهي، ۽ هو پاڻکي ڪا ٻي جهان جي مخلوق پيا سمجھندا اهن. لاشڪ هو لافاني يا آفاقي هنر جا رکوالا هوندا آهن، پر ان جو مقصد اهو نه آهي ته ٻي خلق تڇ آهي. اسان جي هن شاعر جو سڀاءُ ۽ ورتاءُ به بيحد شفيق ۽ شانائتو آهي. دل پئي گهرندي آهي ته ان جي محفل مان نه اٿجي ۽ هوند سندس ڪارائتا گفتا پيا سڻجن ۽ سنڀالجن.  

حميد صاحب نه رڳو سريلو شاعر آهي، پر منهن جي نظر ۾ هو ڪامياب والد پڻ آهي. ماشاالله سندس سڀ اولاد پڙهيو لکيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سائين جو گھر انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن سان ڀريل آهي.   

سائين پاڻ به ڪافي پڙهيل ڳڙهيل شخص آهي ۽ جيڪر چاهي ها ته گڙنگ ڪامورو بنجي پوي ها، پر هن هميشه استادي پيشي کي قبوليو ۽ ڪامورو بنجڻ وارين آڇن کي رد ڪيو. سائين ڪجھ سال اڳ هڪ تجارتي علم ڏيڻ واري ڪاليج جي پرنسپال  طور رٽائر ٿيو آهي. ۽ اڄ ڪلهه هو ڪل وقتي علم و ادب سان واڳيل آهي. يا کڻي ائين چئجي ته پنهنجي خانداني پيشي سان لاڳاپيل آهي. نه صرف سندن والد محترم جناب اختر هالائي هڪ اعليٰ شاعر هو، پر سندن هڪ ڀاءُ محمد يعقوب انيس به سٺو شاعر آهي. سائين جو مربي پٽ عمر اختر جيتوڻيڪ هن وقت ڪل وقتي انجنيئر بنيل آهي پر مون کي معلوم آهي ته هو پنهن جي شاگردي واري دور ۾ هڪ وڏو علم دوست ۽ ادب جو پڙهاڪو رهيو آهي. شايد اڳتي هلي ان ۾ خانداني شوق منتقل ٿي پوي

مٿي جيڪي مون ڪافي دعوائون ڪيون آهن تن جي سچائيءَ طور سائين جي ڪجھ شاعري هيٺ پِيش ڪجي ٿي. اميد ته دوست پڙهي ان مان لطف ماڻيندا.

حميد شهيد هالائي جي شاعري جي فهرست

 

در تي بيهي، جو مسڪرايو ٿا،
راه ويــنـــدڙ کــي ڀـنــڀــلايو ٿا.

 
 

دل بـه آ خــالي، کــيـسي وانگر،
خالي فقير جي ڪشتي وانگر.

 
 

ڇــا ٿيو! جــي هـن جـي من ۾ مير آه،
هر ڪو پنهنجي خواهشن جي زير آه.

 
 

چؤسٽا

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com