حسام ميمڻ
موڪليندڙ: اڪبر لاکو
جي شاعري
آزاد نظم
مڃو معصوم آن ڏاڍي مڃو دل جي به نازڪ آن مڃو کوٽي به ناهين تون مڃو کلڻي به ڏاڍي آن مڃو ڊڄڻي به ناهين تون مڃو تون پِرههَ جهڙي آن غريبن جي گلي ۾ پئي اهڙي گِرهه جهڙي آن مڃوسي فهم ڀي اعليٰ تدبر ڀي، تحمل ڀي فراست ڀي ظرافت ڀي مڃو تون معتبر آهين مڃو غم خوار آن ڏاڍي اکين جو ٺار آن سرتي! مگر حيران آهيان مان ڪو موقعو ئي نٿي ڏين تون ته توکي ڪيئن ٿو چاهيان مان توکي ڪيئن ٿو پايان اڪيلائيءَ جي موسم ۾ جڏهن ڪوئي نه هوندو آ جڏهن سايو به منهنجو ساڻ مونسان ڪونه هوندو آ تڏهن آرس ڀڃي هي عڪس مونسان ساڻ هوندو آ جيئين ڪو مهربان ماڻهو واهر ڪري ڪنهنجي ڪنهن درديلي ماڻهوءَ جو جيئين ڪو سڏ ورنائي ائين ئي عڪس هي جانا! اڪيلائيءَ جي موسم ۾ منهنجو ساٿ ڏيندو آ سُکَ ڏانهن نيندو آ ننڊاکا نيڻ ٿيندا هِن ڄڻ هي جامُ ڏيندو آ ڳالهه آهي ايتري ڳالهه ئي سمجهين نٿي !!
نظم
ڄڻ ڪو راز ٿي وئي آ منهنجي جذبن جو ليڪن هوءَ وڏو آواز ٿي وئي انهيءَ جي لاءِ سوچيان ٿو انهيءَ جي لاءِ جاڳان ٿو انهيءَ جي انتظاري آ انهيءَ جي لاءِ ويٺو هان مٺو ٻولي ته ڪويل آ ڦڪو ٻولي خران ٿيندي مونکي ڪهڙي خبر مونکان اچانڪ هوءَ جدا ٿيندي خدارا ٻاجهه ٿي گهرجي خدارا هن کي پرچايو اڙي او زندگي منهنجي اڙي او بندگي منهنجي تون آهين ته سڀڪجهه آ ورنه نندگي آهي هيءَ ڪا زندگي ناهي!
غزل
چين ۽ نڪو قرار انتــــــظار،انتـــــظار زند گي آ مختصر درد آهن بيشمار جهٽ جو پيار ڏئي پوءِ سمجهو هن بار ساڳي چني، سا ڳو وڳو دل ائين ڄڻ ڪاروبار دوست هن ديس ۾ پيار جو ڏاڍو ڏڪار صاحبي وئي هلي! هيکلو هاڻي گذار!
ٿــــــــــي ويو آسان سفـــــــــــــــــر هن ڇڏيو جنهن کي جڏهن ٿـــــــــــي ويو ســـــــــــــــــــــو دربدر ناهـــــــي جيون ڪا نَـــــــــــــــدي هــــــــــــــــــــــي ته آ پـــــــــــــورو بحـــــــر اڄ خزان ٿــــــــــي وئي بهـــــــــــــــــار هنجو ڪــــــئي مونــــــــــــڏي نظر
ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:
مير آفتاب احمد ٽالپر
سب ايڊيٽر:
مير اشفاق احمد ٽالپر
VoiceOfSindh.NetPromote Your Page Too
literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google
انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو . voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com