اي وقت جا شاعر

منير سولنگي

 


 
ڪونڌر هر ڪنهن ڪنڌ ڪپايو، ڪنڌ نوايو ناهي،
 
وقت جي جابر ظالم آڏو پاڻ لڄايو ناهي.
 
 
دولهه، هيمون، هوشو، شاھ عنايت، شاھ بلاول،
 
سچ تي جو به ڪٺو آهي تنهنکي وقت ڀلايو ناهي.
 
 
چند سڪن تي وقت جي شاعر جابر وٽ هو پاڻ وڪيو،
 
ظالم کي جنهن مومن ڪوٺيو، سنڌ ڄايو ناهي.
 
 
ٻڌ او وقت جا شاعر! صاف سچو ٿي سچل وانگر،
 
ايندڙ هڪ طوفان سندو ڪاٿو تو ته لڳايو ناهي.
 
 
سنڌ جي خاطر مرڪي، مرڪي جن آ موت قبوليو،
 
ڇو تن سرويچن جو ڪيڏارو تو ڳايو ناهي.
 
 
سکڻيون ڊاڙون سکڻا نعرا ڇو ٿو پاڻ پڏائين،
 
ديس جي سانڱين لاءِ تو ساجن پنڌ پڇايو ناهي.
 
 
ڌاريو آخر ڌاريو، ڌاريو تنهنجو رت وهائي،
 
ڪونڌر ڪيئي ڪسجن توکي سور سوايو ناهي.
 
 
ديس سچل جو درس درازا، مڪو نا ملتان،
 
سچل جھڙي عارف ڪڏهن ڪوڙ ڪمايو ناهي.
 
 
زهر ملائي ماکي ۾ روز پيون ٿا يار ”منير“،
 
ڏاهپ، ڏاهپ ڏنگ سهي پوءِ ڀي پڇتايو ناهي. 

 

 

اڳين غزل

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net