انصاف ڪجو

ابراهيم منشي

 

مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو،
سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون،
جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري،
تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.

مان ڪنهن کي ڀلا ڇو چور چوان،
ڪنهن ڪانگ چوان ڪنهن مور چوان،
ڳالھ نئين هي تازي آهي،
هر ڪنهن پنهنجو ماضي آهي،
خود ڀيٽ ڪريو اک ٽيِٽ ڪريو،
ڪنهن پيٽ ڀريو ڪنهن چيٽ چَريو،
اسان جڳ ۾ جڳنا جوتي آهيون،
جوت جلائي وينداسون.

درياھ به لاهن چاڙهن ۾،
انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾،
ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾،
هي قاضي هميشه عيش ۾،
تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو،
يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو،
کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا،
ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا،
جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي،
اسان سا به ڪمائي وينداسون.

اها ڳالھ اسان لئه ناهي نئين،
اسان روپ ڏٺا آهن اهڙا ڪئين،
ڪو وانگيئڙن جي لاءِ وڙهي،
ڪو مايا ميڙڻ گھاٽ گھڙي،
ڪرسي ته اها ئي ساڳي آ،
ڪنهن لک نه لهي ڪو داڳي آ،
خود ڀيٽ ڪريو اک ٽِيٽ ڪريو،
ڪنهن پيٽ ڀريون ڪنهن چيٽ چَريو،
اسان ساڌا سوڌا ٻيجھلڙا؛
پر ٻول ٻُرائي وينداسون.

مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو،
سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون،
جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري،
تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.
 

Back                             Next

 


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net