ديس دروهي

ابراهيم منشي

 

ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،
رت راھ رتوليءَ رسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،

برساتن ۾ باهيون وسنديون، کوهن ۾ پڻ کوريون تَپنديون،
ڌرتي ساري ٽامون ٿيندي، سنڌ سموري سامهون ٿيندي،
اُڀ اُڀارون کائي کائي، نيٺ پَٽيندو ساهي ساهي،
گوريلن جا گيت هوا ۾، ٻرندا محبت ميت هوا ۾،
راڄ ۾ ڪو به نه روڳي رهندو، ٺڳ نه ڪو ڪو ٺوڳي رهندو،
اهڙو ڏينهن به اچڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

هي بڪتر بند هوائي حملا، شينهن مردن ٻڌيا شملا،
وانگي ورندا وِيرن وانگي، سر ڪٽائڻ سنڌوءَ سانگي،
آيا آيا ڄاڻ ته آيا، گيت ڳنوارن ائين پئي ڳايا،
ڪِرندا ڪنگرا ڪوٽ ۽ قلعا، ٻاهر نڪري ايندا ٻلا،
ڪونڌر رکندا ڪنڌ مروڙي، هنن ڇڏيا ٽڪر ٽوڙي،
هي ڳوٺن شهرن ڳهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي،
تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا،
اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون،
دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا،
جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي،
ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا،
يورپ جا هي پاليل ڪُتا، نيٺ ته ڀڄندا کائي جُوتا،
اڄ قوم جي ڪُک ۾ ڪانِ لڳو آ، گھر گھر اهڙو گھنڊ وڳو آ،
هر ماڻهو ”منشي“ مرڻو آ، هن ڀونءَ جو پيٽ ته ڀرڻو آ،
هر سُور سنڌوءَ جو سَهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.
 

Back                             Next

 


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net