ڪريو قوم ڪناري ڪريو

ابراهيم منشي

 

ڪريو قوم ڪناري ڪريو، گھر پيو لُٽجي ڀريو تريو،
چوي پيو اڄ چريو کريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

ڪُن نڪونج ڇڪي پيو مانجھي، واري ونجھه ورايو وانجھي،
سر سجدي ۾ سر تي سانجھي، ٻيڙي لهرين ڪئي اَلانجھي،
واءُ ڏکيرو وريو وريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

پاڳارن ڀل پڳ سونهي شل، جوت سان جُڳ جُڳ سونهي شل.
جن پُٺ سونهي تن اڳ سونهي شل، دائم سنڌ جو دڳ سونهي شل،
پاڻ بچائڻ ڀاڳن ڀريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

مخدوم هميشه مُخبر ٿيندا، جھڪون جھولا ايندا ويندا،
نوح سندن جي سونهن ٿيو ته به، سِر سنڌوءَ لئه ڪِين ڪي ڏيندا،
ڪو ڪو کير وڃي ٿو کريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

سڏ سماٽ بلوچ به ساڳيو، ڌرتيءَ سان جو پيو آ واڳيو،
ديس درندن داڳيو داڳيو، زمين جو آ اڄ ضمير جاڳيو،
وري نه ايندو جي ٽاڻو ٽريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

ڪيڏي سُهڻي شام سنڌوءَ جي، هندين ماڳين هام سنڌوءَ جي،
ڪُونجن وانگ اُڏام سنڌوءَ جي، دانهن ۽ ڪُوڪ اڄ عام سنڌوءَ جي،
ٻارڻ جنهن تي ٻريو ٻريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

سينڌ سنڌوءَ جي سُڪل واري، جنهن ۾ جر ڦڙو نه جاري،
وري به ڪاري ديو تياري، هيبت ۾ اڄ هاري ناري،
ڌرتي جو ڪو ڌيان ته ڌريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

’منشي‘ نيٺ ته ورندا مانجھي، ٻيڙي مور نه لانجھي،
سڻڀي رهندي صبوح ۽ سانجھي، سنڌ نه پيئندي ڪڏهن ڪانجھي،
وارو ڪريو وارو ڪريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.



ابراهيم منشي جي
 

 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net