درياھ سان سوال

ابراهيم منشي

 

درد وندا هي دانهون توتي، ڏيندا درياء شاھ دلير،
ورهن جا اڄ وانگيئڙن کان، ويساھ ڏيئي تون ورتا وير.

سارا سورهن سال سُڪي تو، پيٽ ۾ پاليا پرت پنهوار،
ريلن ۾ تو رائو ڏيئي، ڄايا لاڻا لوت ليار،
پاسا تو پُسائڻ ڇڏيا، پِيريءَ وارا تنهنجا پار،
ملاح پَٽي ويا مَڏيون توتان، ٻيڙيون ٻاري ٿيا ٻڪرار،
ڀرم ڏيئي ڀاڳين کي پوءِ، ڀنڀٽ بنجي ڀريئه پير.

گھيرا ڏيئي تو گھارا پائي، راڄ روئاريا راتو رات،
سانگيئڙن جي ساھ ۾ سونڪو، سڀڪنهن سر تي ٿي سڪرات،
ڪاري رات ۽ ڪُلهن ڪَلها، ووءِ ووءِ واتو وات،
هيٺان پاڻي پالوٽون *۽، اُڀ مان پئي ٿي برسات،
ڪَلهن ڪِيهون راڻن ريهون، ڪونه رهيو اُت ڪنهنجو ڪير.

پڃرا ٽوڙي پر پَکيڙي، پهرين ڀريئه پنهنجو پيٽ،
چوڌاري تو چَٽ ڪيا پوءِ، چڱڙا چاندي هاڻا چيٽ،
ساين ٻنين سِيرون ڏيئي، مارو ڪيا تو مليا ميٽ،
لکين لڙهائي لَهوارا تو، لؤنيارن کي ڪيئڙو ليٽ،
ڍار ڍنگر جي ڍول رهيا ٿي، تن جو ڪيو تو ڍينگو ڍير.

موج ڪري مهراڻ ميان تو، ماري مارن مال ڇڏيا،
اٽا لٽا ۽ اَجھا به پنهنجا، اڄ ڇڏيا، ڪِن ڪالھ ڇڏيا،
گوتا کيندي گُونگن جيئن ڪِن، لڇندي پنهنجا لال ڇڏيا،
جُوءِ سڄيءَ ۾ جھانگين لئه تو، جاڳائي جنجال ڇڏيا،
ٽنگ ڀڄي ته به ڪين رهي ٿي، هي به هراڙي واري هير.

ڀاڳين ڀُنگا ڀينگ ڪيئي پر، وڌءِ ماڙين ۾ ماتام،
دهشت دڙڪا جھولن جھڙڪا، ڪُنن ڪڙڪا ڪاري قيام،
بندون ٽوڙي ڇڏيئه ٻوڙي، سانڀيئڙا جي تنهنجي سام،
شهرن بحرن شيل ڪيا تو، ڳاهي چڙهين ڳوٺ ۽ گام،
سوشلزم ٿي ٺهندي آيو، پاتا جت تو پنهنجا پير.

اُڀ مان پاڻي ڌرتي پاڻي، پاڻي پاڻي پورو پَٽ،
ڪِٿ ڪا ٽُڪري تنهن تان چڪري، نانگن جھڙيون ۽ ٻيا جھٽ،
کاهڙ وارن کپرن کائي ڪيا، چُرڻ چلڻ ڪنا چَٽ،
تنهنجا پڻ هي حاڪم وارا، ساڳيا نخرا ناز ۽ نَٽ،
جوڙڻ ۾ جن جُڳ لڳا تن، ٻوڙڻ ۾ تو دم جي دير.

ڪِن جا پڌرا پورا ڏينهن ۽، ڪِن کي سانڀاهي جا سُور،
ڪالھ ڄڻيا ڪِن اڄ ڄڻيا سي، ماروئڙيون ٿيون مجبور،
جيئڻ جھنم، مرڻ مُصيبت، ”منشي“ ڪيڏا ڪيئي ڪلور،
ڀاءُ رهيو نه ڀاءُ سان ڀيڙو، ڌيءَ ڪٿي، ڪٿ ماءُ مجبور،
ڦوڪ ڏيئي تو ڦوڪي ڇڏيا، ڦيري ڦوڙائي جا ڦير.
 

Back                             Next

 


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net