درياھ جو جواب

ابراهيم منشي

 

آزادي جو مان متوالو، مون سان رکيئون من ۾ مير،
مرڪز ٽوڙي موٽي آيس، سنڌ مٿان هو ڪرڻو سير.

ٻُڌڙي شاعر ڳالھ ٻئي جي، ڏنئي ڏمرجي ڏاڍا ڏوھ،
سارا سورهن سال سُڪائي، ڊوهين مون سان ڪيئڙو ڊوھ،
زنجيرن ۾ زوري جڪڙي، لڱ لڱ منهنجي لاتئون لوھ،
ڇڙيون هڻندي نيٺ ڇنائي، پهرين تن تي ڇنڊيم ڇوھ،
سالن کان سِڪ سنڌ گھُمڻ جي، پوءِ تيڏانهن پاتم پير.

ڀَر ڇڏي ويا ڀاڳيا منهنجي، ڀُنگا جن جا ٿيا ڀڙڀانگ،
پنوهر پليجا سهتا سوڍا، ڳاڙهيون ڳئون ۽ چريا چانگ،
ڪِٽ ڪِٽ ڪَن جت ڪاموين تي، ڪاموريون اُت ڪارا نانگ،
سَرليون هَڪڙيون چالن چڙيون، هُونگر هُون هُون ڇُڙيل ڇانگ،
ڇَٽي ڇَماٽي ڇانگ ڇِنل ڪا، ڇُوٽ پريان ڇمڪائي ڇير.

منهنجي حد جي هارين جا هت، هَئي هَئي ٿي ويا هيڻا حال،
ريلن رائو اَڪ ڦلهاريا، سال سُڪي ٿي ويئڙا سال،
ارهي انري ڪيا اٻالا، اهکا تن جا آل عيال،
چيٽ ڪَتيون سڀ چٽ ويا ٿي، ڀونءَ سڄي تي پيو ڀونچال،
ڌار ڪيو هو ڌارين ”منشي“، وانگيئڙن سان جن جو وير.

چور اسي ۾ چالون ٺاهي، بندون ڏيئي ڪيائون بند،
پنجاسي ۾ پاپين منهنجا، روڪي ڇڏيا سڀئي رند،
تربيلا ۽ منگلا ٺاهي، صاف سُڪائي ڇڏيا ڇڏيئون سنڌ،
ڀاءُ سڏائي ڀينگ پيا ڪن، هاڻو بنجي سي هر هنڌ،
چٽا چٽا ۽ ڌاريا پڌرا، ساڳيا سسئي وارا ڏير!

هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏا سارا هاڃان هيل،
اسان ڦڙيءَ لئه ڦٿڪون ويٺا، پاڻ پيئن پيا ريل ۽ ڇيل،
ڪُڇون پُڇون اسلام کي خطرو، جاءِ اسان لئه آهي جيل،
ڪيستائين رت هي روئندا، ڍٽَ ڌڻي هي ڪيسين ڍيل،
قربانيءَ ري ڪير نه ڪنهن کي، ڏيندو آهي ٻَٽڙي ٻير.

گھوڙا هيڏي گھُٽ ۽ ٻُوسٽ، ٻنين ونين ٻول ٻُرن،
سوڪهڙي ۾ ساھ مُنجھي پيو، ساري ڌرتي سَپ سَرن،
پيئڻَ بلائون پهري پييون، پنوهر ڪهڙي پار پُرن،
”منشي“ مارن وات ۾ ٻچڙا، ڪهڙي در تان دان گھُرن،
چونڊيل گڏجي چرچا ڪن پيا، اسيمبلي ۾ آهي انڌير.
 

Back                             Next

 


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net