هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي

ابراهيم منشي

 

ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان.

اها تيري ميري تو وٽ رک، هت ڳُڻن ڀريو ويهي ڳالهاءِ،
نه ته نڪري وڃ هن نگري مان، هت پير پليت نه ڪو پاءِ،
هي سنڌ انهن آ سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ،
نه ته گھر به ويندءِ سِر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مونکي سُنهن،
ڪر کڻي اڄ ڪُونڌر اٿيا، ڪندا تنهنجو ڪارو مُنهن،
ٽنگيل هوندين ٽياسن ۾، هتي ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!

مُنڍا کائي مورين جا هتي، مَتو آهين مانگر مَڇ،
ٿورا ڏينهن اهي ٿُونا تنهنجا، راڻن ڦير يا توتي رڇ،
ڪُنڍيون تنهنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڄندين ڀُڄ ۽ ڪَڇ،
تو لُوسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،
هن دودن ديس دليرن ۽، جرنيلن جي جُرئت کي،
هي لٺين جون تان لوليون تو کي، لوليون ڏيندا لوليءَ سان!

هي دودي دريا خان دلاور، ڌُوپارن جو ديس اٿئي،
هي مانجھين مردن ٻاگھين ٻارن، جھُونجھارن جو ديس اٿئي،
هي سچن سانگين سرواڻن، ۽ سنگھارن جو ديس اٿئي،
شينهن سُتل تو جاڳايا هي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،
تو رت تپايو راڻن جو هي، هڏ به تو هضمات ڪندا،
هي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي جي، ڇيڙيا آهن تو ڇوليءَ سان!

هي ٻولي سچل سامي سانوڻ، شاھ ڀٽائي گھوٽن جي،
هي ٻولي ڪُل کان آھ قديمي، ارڏن ۽ اڻموٽن جي،
هي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽، ماساتن جي سوٽن جي،
آڱر هن ڏانهن جيڪو اُٿاري، تنهن جو ڌَڙ سِر ڌار ڪندا،
هي ”منشي“ سڀ مهمير اٿئي، تو چيري ٽُڪرا چار ڪندا،
هي هولي کيڏي ڄاڻي هر هڪ، هولي ڏسندين هوليءَ سان!
 

Back                             Next

 


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net