نٿو جو سنڌ لئه لڙي . . .

ابراهيم منشي

 

نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،
پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري،
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،
جو سچ انهيءَ تان سَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

نِکاريو سِنڌڙي حُسن، ڏسي ڪيئن ڪُونڌ پيا ڪُسن،
ڪروڙ ڪاهيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پُڇن،
مَچن مَچن اندر مَچن، مَچن مَچن اندر مَچن،
جنهن وِک هٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

هي مڪليون، موهن دڙا، ٿرن بَرن ٿڌا گھڙا،
ٽهڪائي جنهن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽپڙ ٽڙا،
انهيءَ ڪري هڙا وڙا، انهيءَ ڪري هڙا وڙا،
نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

ٿي انتها آ ڪِيس جي، ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي،
ڇڏي ڏي ريت رِيس جي، پُريون به وينديون پيسجي،
آ جنگ جِيس جِيس جي، آ جنگ جِيس جِيس جي،
اُٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

ٻُڌين نٿو کٻي سڄي، نقارو جنگ پيو وڄي،
گھڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيئون هِڄي،
ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي،
ڌڙي تي داڦ بيھ ڌڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

هي ملڪ ”منشي“ ٿيو مَکِي، چوي پيو پکڻ پکي،
جڏهن به قوم آ ڪَکي، لکين لهي آيا لکِي،
سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي، سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي،
پِيءَ جان سان نٿو جَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
 

Back                             Next

 


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net