منشي هڪ حسابِ فطرت، انوکو، اڙانگو شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ پُرسوز زبان، ڪَرب
انگيز تاثرات، همت و حيات آفرين جذبات موجود آهن. منشي وقت جي پُڪار، منشي عزم ۽
همت جو نشان، محبت و ايثار جو پيڪر، ظلم ۽ ظالم لاءِ پيغامِ موت آهي.
قومپرست شاعر ته اسان وٽ گھڻا آهن، سنڌ سڄي هيرن جي کاڻ آهي، پر
منشيءَ جي ذات ۽ ڏات نرالي آهي. منشي جي ترنم ۾ سحر خيزي ۽ بَلا جو ڪَرب آهي. لفظ
سادا، سهڻا ۽ چُڀندر ــ لفظن جو انتخاب نهايت عمدو ۽ اعلى، جي ترنم سان پڙهي ته
ماحول متزلزل ٿئي، مزدور، محتاج ۽ مظلوم جو حوصلو ۽ سمت هماليه کان مضبوط ۽ مٿاهون
ٿيو وڃي.
وائيس آف سنڌ جي اداري کي فخر آهي ته اهڙي مُهان شاعر جي شاعري
به هاڻي اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. اِها وقت جي ضرورت آهي ته هن کي پڙهجي،
پروڙجي ۽ راھِ عمل ۾ رهنمائي حاصل ڪجي.
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real
Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free
Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA
Lottery, Immigration, Google