اسان جي سوچ
تي رستا
اوھان جي ھوڏ تي رستا
اونھاري سخت جھولن ۾
مِٺي. . ! سيارن جي پارن ۾
کڻي دل جي صدا ھڪڙي
اسان پيڙاءَ جي رڻ ۾
اڪيلي ڪنھن مسافر جيان
تلاشيو ھو گھڻو توکي
مگر جانان ...!
اسان کي ڄاڻ نه رھي ڪا
جڏھن به منزليون ڪڇبيون
اسان جا دڳ بند ٿيندا
سوين الزام ڪُلھن تي
صليبن جيان کڻي ھلبا
اسان ته ڇانو جي خاطر
جُھريل ھن ھيانوَ جي خاطر
اکين ۾ اوسيئڙا سانڍي
ستارن کي ڇُھڻ سکيو
ڪنارن کي چُمڻ سکيو
جڏھن به راھ ويندي ڪو
ڪري ڪا ڪاھ ويندي ڪو
لُڻي جي خواب ويندو آ
تڏھن به آهه ڪا دل مان
ڪڍڻ ناھي سکي جانان ..!
اسان جي سوچ تي پھرا
اسان جي لوچ تي پھرا
نپوڙي ڪين سگھيا اڄ
اسان جي روح جا اجرڪ
ولوڙي ڪين سگھيا اڄ
اسان جي جستجوءَ جا جر
پرين ڪنھن شام ويلي ۾
ڀٽائيءَ گھوٽ جو ميلو
اڪيلي جي گھمن ڪيھر
تڏھن ڪا اک ڪرڙي ۽
مٿي جي گھنج جي ٽوپي
انھن کي ڪين روڪيندي
انھن کي ڪين ٽوڪيندي
تڏھن ھي سوچ جا رستا
اڪيلي لوچ جا رستا
اسان کي به سڏي چوندا
اڃان ھي سنڌ ساڳي آ
اسان جي جند ساڳي آ
خدا شايد اسان جي دعا
اگھائيندو پَل ڀر ۾
پرين پر تون ڪجانءَ ھا.ھا..
متان منھنجو ستارن تان
کڄي وشواس ٻيھر نه
اڃايل اک ھر ڪنھن ۾
مري ڪو خواب ٻيھر نه
ائين جانان ڪندينءَ جي تون
سموري سنڌ سجدي ۾
سوين ڪي سال پئي ھوندي
ائين جي جانان ڪندينءَ جي تون
اسان جي سوچ ٻيھر به
سوين دڳ ساڀيائن جا
اڪيلي ئي گھمي وٺندي
نظم
اچو اڄ بھارن جا سينا لتاڙيون
۽ پنھنجي نھارن جا خيما اُکاڙيون
اسان کي کپي ڪين خوشين جي موسم
اسان لاءِ اُوجاڳن جون راتيون ڀليون ھِن
تنھائيون رساما ۽ ايذاءَ سارا
اسان جو مقدر رھن ڪي صديون ڀل
رُٺل آسرن جي سھارن ۾ ويھي
اُڻيا خواب جيڪي اسان روئي روئي
اُنھن جي پُڪارن جون بستيون اُجاڙيون
۽ پنھنجي وفائن جي مستي به ساڙيون
اسان دل جي ڪاڳر تي جيڪي لکيو ھيو
چپن جي ڪتابن تي جيڪي پڙھيو ھو
اکين ڪئنواسن تي جيڪي چٽيو ھو
نسورو نسورو سڄو سور ھو پر
اکين آبياري رھي آھي ساڳي
مگر بيقراري رھي ڪين ساڳي
ھيءَ دل معياري رھي ڪين ساڳي
انھيءَ جي حجابن کي ميڙي سھيڙي
لڙڪن سُڏڪن ۽ آھن جا ڏينھنڙا
اکين جي رڳن مان رھڙي ڪڍون اڄ
اسين ڪونه ڄاڻون وفائن جي شامت
اسان ته قيامت جھڙيون چاھتون به
کن لاءِ ماڻي سگھيا ڪين آھيون
تڏھن ڇو ويچاريون اسان شينھن آھيون
محبت ۾ وسندڙ وڏا مينھن آھيون
اسين ڪجھـ به ناھيون صدين کان او. . . .سائين !
رڳو اک آليءَ جي ڳاڙھي ڪا ريکا
اُداسيءَ ۾ چھري جي لرزش جا ليڪا
اسين ڪجھـ به ناھيون اسين ڪجھـ به ناھيون
اسان دل جي ڌڙڪڻ جا پھريان وراڪا
حجابن ۾ آيل ساھن جا واڪا
اسان جي سڃاڻپ رڳو ڪجھه به ناھي
تڏھن ٿا اسان اڄ التجائون ڪريون
اچو اڄ بھارن جا سينا لتاڙيون
نظم
مٽيءَ جي روڄ جو وچن
سموري سوڳ جو وچن
گُلاب دل ڇڻي پوي
سراب دل ڇڻي پوي
۽ نيڻ ڀل ٻري اُٿن
لڙڪ سڀ ڳڙي اُٿن
نگاھه جي نھار ۾
نھار جي سنڀار ۾
اوجاڳ پيون ڳڻينديون
۽ وقت جي وٿين جيان
ڀنل آسرن منجھان
سُمھاري ننڊ نڀاڳ کي
اُڃاري ھر خواب کي
ھٿن جي ڇھاءَ ۾ ڏئي
ھوءَ شام صبح مري اُٿي
ڪا گھڙي وصل لاءِ
سنگيت دل جو سُڻي
روح جو شھر اچي
ھڪ دفعو سينگھاربو
مري مري به گھاربو
وچن مٽيءَ جي روڄ جو
سموري سنڌ جي سوڳ
مري مري به گھاربو
۽ دل پنھنجيءَ کي ھاربو
جڏھن به جيت جي لمحي
وقت ۽ ميت جي لمحي
اکيون سڀئي اُٻاڻڪيون
پَنن جيان جھڪي پون
۽ سنڌ جيان سِڪي پون
تڏھن مان پنھنجي پيار کي
سُمھاري ڪنھن لتاڙ ۾
پرين سڏي تو کي چوان
” اڃان ته رُتِ ناھي گھلي
ھجر جي ميار جي “
تڏھن تون ماڻڪيون کڻي
ھڪ ڀيرو نھارجانءِ
مونکي وري جيار جانءِ
مٽيءَ جي روڄ جو وچن
سموري سوڳ جو وچن
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real
Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free
Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA
Lottery, Immigration, Google