سامي جون سنتون

 
 
پنن منجھه پيهي، تو حرف نه لڌو هڪڙو،
توکي ڪُل ڪيهي، قاضي ڪتابن جي.

مايا ڀُلائي وڌو، جيءُ ڀرم ۾،
اڻ هوندي درياهه ۾، غوطا نِت کائي،
سامي ڏسي ڪينڪي، مُنهن مڙهيءَ پائي،
ستگر جاڳائي، ته جاڳي جڙي پاڻ سان.
 


مايا ڀُلائي وڌو، جيءُ ڀر شان ۾،
پاڻ پنهنجو پاڻ ۾، ويٺو وڃائي،
سڀني ۾ سامي چئي، ڪوٽ جنم پائي،
اوڍيا پٽ لاهي، جاڳي ڏسي ڪينڪي.
 


ڪئ خلق انڌي، مايا موهه ممت سان،
مرگ ترشنا جي ڄل ۾، وڃي سڀ وهندي،
ورلي ڪنهن گرمک لڌي، ڪريا ساڻ ڪنڌي،
ٻانڀڻ جنهن ٻڌي، پنج ئي ڪياوس پانهجي.
 


مايا جڳ ٺڳي، سامي سارو وس ڪيو،
جنتي سايو سنت جو، تن کي ڪين لڳي،
هو لنگھي ور سراپ کئون، پهتا پار اڳي،
جتي جوڳ چڳي ــ اٺئي پهر اَنڀئي.
 


ڀاري ڀؤ ساگر، لهرون ماري لوڀ جون،
لوڙي ٻوڙي لوڪن کي وجھي ڪن ڪپر،
ڪو پريمي لنگھي پار پيو، ڇڏي موهه مڪر،
پورن پرميسر، سامي ڏسي سيتل ٿيو.
 


مايا مچايو، ڪوڙو کيل ڪلپ جو،
تَنهن ۾ ڪن تدروپ ٿي، مورک من ڀايو،
واري ڪنهن گرمک کي، انڀئه ۾ آيو،
سامي سمايو، جل پپوٽو جل ۾.
 


سپني سودائي، سپني ۾ داناھ ٿيو،
سڀني ۾ سمير ٿئي، سڀني ۾ رائي،
سڀني جي سامي چئي، سڀ رچنا رچاتئ،
جاڳي جدائي، سڀني سوڌي نه رهي.
 


دکي سڀ سنسار، ڦاٿو اَوِ ديا ڦاس ۾،
سکي ورلو ساپرس، ڪڍيو جنهن اهنڪار،
سامي سر جڻهار، پائي پرچو پاڻ ۾.
 


گھر ۾ رام وسي، ٻاهر ڍونڍي جيءَ نت،
پائي منهن مهراڻ ۾، سامي ڪين پسي،
پنهن جو پاڻ ڦسي، ٿو مورک اوديا ڦاس ۾.
 


گھر ۾ رام وسي، مورک ڦولهي دهه دَسا،
جپ تپ ساڌن جوڳ ۾، سامي ديه دهي،
ناحق دک سهي، ٿو پٺي ڏيئي پاڻ کي.
 


لکين جيءَ لڏن، ٿا اڻ هوندي درياهه ۾،
چڱو ڄاڻي چِت ۾، مورک ڪين مڙن،
سامي ڪيئن ڇڙن، جي ٻڌا ڪلپت پانهجي.
 


مورک ٿو ماري، پنهن جي هٿين پاڻ کي،
لڳي مايا موهه جي، ڪوڙي لنو لاري،
ڏسي نه سار سروپ کي، سامي سنڀاري،
گپڻ منجھه گاري، ٿو هيرا لعل اڻ ملها.
 


سڀني جي سنسار، مورک ڄاڻن سڌ سڀ،
ڪايا مايا ڪل سان، پرچي ڪن پيار،
سامي ڏسن نه سم ٿي، ساکي سرجڻ هار،
ناحق ٿيڻ خوار، ٿا ڀُلي پاڻ ڀرم ۾.
 


مورک واد ڪئي، پنڊت ڄاڻي پاڻ کي،
ٻڌايائين سڀ کي، چارئي ويد چئي،
سامي سار سروپ کي، ڪيائين ڪين سهي،
ويڙو پاڻ وهي، ڏيئي هٿ ٻئن کي.
 


وڌو وڇوڙو، مورک پاڻ پرين کون،
ڏيئي ويٺو گھر کي، اوديا جو اوڙو،
سامي رکي ڪينڪي، محب ڏي موڙو،
ٻڌي نه ٻوڙو، دانهان ورد وندن جون.
 


پنا ڪوهه پڙهين، اٿي حرف حقيقت هيڪڙو،
ڀائي منهن  مهراڻ ۾، اندر ڇو نه اڙين،
ڪلپت ڪڍي جيءَ مون، سامي سير چڙهين،
ناحق ڪوهه گھڙين، اڻ هوندا گھاٽ اندر ۾.
 


مور کن ميڙي ــ ڪاڳر ڪوٽ ڪٺا ڪيا،
سامي لوڀ لهر نيا، رهت بنا ريڙهي،
عاشق چڙهيا اڇ تي، ورق سڀ ويڙهي،
شهه رڳ کئون نيڙي، سُتهه ڏسن سپرين.
 


ساکي سرجڻهار، رهي سدائين گھر ۾،
مورک ڦولي دهه دسا، ڪري نه دم قرار،
پنهنجو پاڻ خوار، ٿيو سامي چئي سمجھه ري.
 


نام نه نهارين، پائي منهن مڙهيءَ ۾،
جنم پاتئه جڳ ۾، سو حرفت ڪيون هارين،
مورک ٿو مارين، تون پنهن جي هٿيئن پاڻ کي.
 

 

Pages: 1, 2, 3, 4 ,5

Next

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com