سامي جون سنتون

 
 

مايا منجھه مغرور، مورک رهن مت ڙيءَ،
ست ڄاڻي سنسار کي، سامي سهن سور،
ڪال نه ڏسن ڪنڌ تي، ٿو ڪري نت ڪلور،
راڻا راوَ مزور، ماري جنهن مٽي ڪيا.
 


پڇم کي پورب، مورک ڄاڻن مت ري،
ويٺا پير فقير ٿي، ڪري ڪوڙ ڪسب،
سمجھي ڪو سامي چئي، محبتي مطلب،
ڍول ملڻ جو ڍٻ، جنهن کي ڏسيو ستگرو.
 


ڦاهيءَ بنا ڦٿو، سڀڪو مايا موهه ۾،
ست ڄاڻي سنسار کي، مورک هڻن مٿو،
ورلي ڪنهن گرمک جو، سامي ڀرم لٿو،
لوئي، شال، کٿو، ڄاڻي انڀئه ان جو.
 


بگلوريس ڪري، هنس ساڻ حساب ري،
هو نرمل کون پري، هو ڪپت ڌيان ڌري،
هو موتي کائي مانسر، هو مڇي ڪاڻ مري،
سامي ساک ڀري، مرم ويچاري من ۾.
 


ڪوڙي کان پاسو، سامي سچي جن ڪيو،
هن کي سڪ سل ڪيا، هن کي محبت نه ماسو،
هو پرچي رهي پد ۾، هن جو وکيا ۾ واسو،
تنهن کي دلاسو، ڏيئي پاڻ ڪڍي ويو.
 


پٿر پوڄا ڪن، ديو نه ڏسن ديهه ۾،
پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجھَه ٻجھن،
ساکان سنتن جون ٻڌي، مرم نه رکن من ۾،
سي ڪيئن رنگ رچن، سامي سپيرين جي.
 


چريا سي چئجن، جي پاڻ پڇائڻ ڪينڪي،
ڳالهيون ڀلن جون ٻنڌي، مرم نه رکن من،
پانهن جي ڳچيءَ پاڻهي، جوڙي سيل وجھن،
سامي ڪين ڏسن، جھاتي پائي گھر ۾.
 


ويد پران پڙهي، پنڊت ٿيڙا ڪيترا،
بنا گيان گروءَ جي، ويا اوديا منجھه اڙي،
وري ڪنهن گرمک ڏٺو، وچن منجھه وڙي،
تنهن کي هٿ چڙهي، سامي لک سروپ جي.
 


لکين هزارين، واد ڪرن ويدانت جي،
ورلو ڪو ويچار سان، ويهي ويچاري،
سامي سار سهي ڪري، هردي منجھه ڌاري،
نانت نواري، سڀ گھٽ ڏسي سپرين.
 


منهن ڪارو موچارو، اندر ڪاري آدمي کئون،
سمجھي سُڄاڻ ڪو سورمو، اهو اشارو،
چڙهي وڄائي چتَ تي نرڀؤ نغارو،
نڀ جان نيارو، سامي رهي سرير ۾.
 


اندر گند به گند، ٻاهرؤن اڇو اُجرو،
پير سڏائي پاڻ کي، فاضل ڪري ڦند،
سامي ڏسي نه سرتي، خوديءَ کئون خاوند،
جڏي روپي پوندو رند، تڏي روئندو رت اکين مون،
 


سڀن منجھه غلام ــ سڀني شاهه امير ٿيو،
سڀني ۾ مؤجان ڪري، سڀني ۾ مهنام،
سڀني ناتا ڪامتا، سڀني ۾ نِهڪام،
اک کلي آرام، سُتهه ڏٺو سامي چئي.
 


انڌا آڌيءَ رات، ڏسن مت مشعال ري،
پٺي ڏيئي پاڻ کي، ڪن پرائي تات،
سامي سجاڳن کي، سدائي پرڀات،
پائي آتم گيات، استٿ رهن آڪاس جان.
 


انڌا اکياني، سچ سڃاڻن ڪينڪي،
کوهي مانُکَ ديهه کي، پَوَن ويراني،
سامي سجاکن ڏٺو، دل دل ۾ جاني،
مشڪل آساني، سمجھائي ڪن سک جي.
 


انڌن کي اعتبار، اچي نه آتم رام ٿي،
آهي جنهن جي آسري، سامي سڀ سنسار،
ڪنهن سجاکي سورمي، ڪيو دل ۾ ديدار،
جنهن کي سنت سچار، اچي مليو انڀئي.
 


انڌن کي اعتبار، اچي نه آتم رام تي،
پٺي ڏيئي پاڻ کي، کپي ٿين خوار،
سدا سجاکن کي، دل اندر ديدار،
سامي ڪري قرار، سمهيا سکپت سيج تي.
 


اهنڪاري احمق، سچ سڃاڻن ڪينڪي،
ٻڌي واڪ ويدانت جا، در در بڪن بڪ،
اسٿت رهي آڪاس جان، ڪي پريمي پريڪ،
لُنؤ لنؤ ساڻ لٽڪ، سامي لائي لال ٿيا.
 


ٻوڙا ڪين ٻُنڌن، دانهان درد وندن جون،
مرگھه ترشنا جي جل ۾، وهيانِت وڃن،
سمجھي ڪي سامي چئي، پريمي پار پون،
جاڳي ڏٺو جن، اندر ٻاهر آتما.
 


لافان لک هڻن، پنڊت ڄاڻي پاڻ کي،
ڳالهيون ويدن جون ٻڌي، مرم نه رکن من،
ٺاڪر وسي گھر ۾، سو انڌا ڪين ڏسن،
لکايا لهن، سامي سپرين کي.
 

 

Pages: 1, 2, 3, 4 ,5

Next

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net