سامي جون سنتون

 
 

جن کي جاني يار، آن ياد ڪريان نت تن کي،
سامي مليا سيري، پرچي تن پرساد،
تن من ارپيان ڀا وسان، ڇڏي واد وواد،
ايها آو جڳاد، واٽ بڻي ويساهه جي.
 


وياسي واصل، وڃي ٿيو وحدت ۾،
جتي تون ۾ ناهه ڪا، نڪو هيبت هُل،
روپ رنگ پن پاڙري، کُليو غيبي گل،
ڪر انت جنهين ۾ ڪل، سورج چندر چراغ جي.
 


ڀائنا گيان ڌيان، ڀائنا مورک مسخرو،
ڀائنا پاپي پاکنڊي، ڀائنا دان مستان،
سمجھي ڏس سامي چئي، ڇڏي سڀ اپمان،
ڀائنا کئون ڀڳوان، پلڪ پراهون نه ٿئي.
 


عجائب آهن، عاقل عقل جا ڌڻي،
موڙي موڙ سُکان جي، ٿالڙ مان لنگھائن،
جتي ديرو دوست جو تتي پهچائن،
ري ڪُنجيءَ لاهين، ڪلف سڀ قلوب جا.
 


سدائين نِرمَلَ ساڌو، جن سنسار ۾،
ليپُ نه لڳي تن کي، جيئن جَلَ رهن ڪنوَلَ،
اندر سَمَ سيتلَ، ٻاهر تَتا تاوَ جان.
 


ٻي سڀ اٿي سڃ، بنا ساڌ سنگت جي،
مرگھه ترشنا جي جل مون، سامي لهي نه اُڃَ،
جاڳن پورَنَ پُڃَ، ته ساڌو سک ساگر ملي.
 


ڳالهن منجھه آهن، مٺيون ڳالهيون ڳوٺ جي،
ڏيئي ڏس سڄڻ جا، ٿيون سڄڻ ملائن،
ڪوريون سي لاهن، سامي ڪس اندر جي.
 


چوَن لوڪ چريو، آءُ سياڻو سنرو،
ملي ساڌ سنگت سان، ڪارج سڀ سريو،
ڏيو جوت آگمَ، ٻيا بنا ٻريو،
سامي ڏسي ٺريو، پنهن جي اکين پاڻ کي.
 


ٻي سڀ ڏٺي سڃ، سامي ساڌ سنگت ريءَ،
مرگھه ترشنا جي جل مون، ڪنهن جي لٿي نه اُڃ،
وڃي پُڇ تن کَون، جن ڪيا پورن پُڃ،
توڙي ڪٽن مڃ، ته به راجا رانول ديس جا.
 


سمجھه ۽ آئون صدق، جن کي ڏنو ستگرؤَ،
سي خاصا خلوت وار ٿيا، هر دم ڏسن هڪ،
توڙي رکن لڪُ، ته به سامي لڪن ڪينڪي.
 


سمجھو جنهن سبق، صفا سلوڪت جو،
هٽيو تنهنجي من مون، سامي چئي سڀ شڪ،
مئخاني مسجد ۾، ڄاڻي ڪونه فرق،
ٻولي انا الحق، ملي مَهَد جَنَنِ سان.
 


سامي چئي شريڪ، آهي ڪونه الله جو،
ڪبو سڪ سچي سان، طالبن تحقيق،
چڙهيا عين عرش تي، ٿي بيحد باريڪ،
نينن کِؤن نزديڪ، سَتَهُ ڏسين سپرين.
 


ورلو ڪو چيلو، سمجھي گيان گرو جو،
ڀري هڻي ڇو ڀرم کي، غيبي گليلو،
سامي ڪري سروپ سان، ممتاري ميلو،
انتر اڪيلو، ٻاهر تون مان ۾ رهي.
 


ناتا روپ ڌري، خيالي کيلي پاڻ سان،
جوڙي بت مٽي جا، جين ٻالڪ راند ڪري،
رهي پاڻ پري، نَٽُ نچائي پتليون.
 


شهه رڳ کئون نزديڪ، سڄڻ اٿي اوڏڙو،
ڪڍي غير اندر مؤن، ڪري ڏس تحقيق،
ناحق ڪرمَ ڪيڪ، سامي چئي سمجھه ري.
 


حاضران حضور سائين، سيوڪ جي رهي،
پلڪ پراهون نه ٿئي، جيئن نينن ۾ نور،
ڪڍي سنسو سور، سامي رهي سڀاوَ ۾.
 


خلق ۾ خالق، خلق سڀ خالق ۾،
سمجھي ڪو سامي چئي، ورلو هَرجَن هڪ،
مهر ڪري مالڪ، جنهن تي پرچي پاڻهين.
 


سو ڪنين آواز پيو، پرينءَ جو پاڻ چيو،
ٻڌڻ سان پانڀڻ چئي، ڇڏي ورسُ ويوم،
جڏو جيءُ جيوم، اچڻ سان عجيب جي.
 


دائم وسين دل ۾، تون رب راتيون ڏينهن،
جيئن سڀ سمنڊ ۾، خاطر موهي مينهن،
تيئن تنهنجي نيهن، چوڏس چارا لايا.
 

 

Pages: 1, 2, 3, 4 ,5

Next

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net