سامي جون سنتون

 
 

نيڻ لايو نيهن، نور محل جي ناٿ سان،
جتي سورج نه چنڊ ڪو، نڪو رات نه ڏينهن،
بنا بادل مينهن، سامي سدائين وسي.
 


نماڻن جو ماڻ، پري پراهون نه ٿئي،
وهان ته وهي سمهون، ڏسان ته ڏسي پاڻ،
سامي پرک سڄاڻ، هٿ لائي هٿ نه اچي.
 


سڄڻ سدائي ساڻ، رهي سڀ ڪنهنجي،
انڌا ڏسن ڪينڪي، ڇاڻي نت ڇائي،
سُجاڳن سهي ڪري، لنوَ لنوَ لائي،
سامي سمائي، لڏي لهر سمنڊ ۾.
 


بنا رب رفيق، ڪونهي ڪنهنجو ڪٿهين،
مرشد سان ملي ڪري، ڪيو طالبن تحقيق،
سَٽي پنڊُ چئي، ٿيا بيحد باريڪ،
نينن کان نزديڪ، پيهي ڏٺائون پاڻ ۾.
 


ويد پران، قران ڪَوِ، سڀني ۾ هڪ سوت،
سمجھي ڏس سامي چوي لائي من مضبوط،
جئن آڪاس گھٽن ۾، تئن سڀ ۾ ساکي ڀوت،
ڪو آتَمَ رَتَ اَڌوت، سمجھي هن سخن کي.
 


ويد پران پڙهي ڪري، ٿو لوڪ ريجھائين،
سپريان جي سڪ ۾، جھاتي نه پائين،
چاهه نه چڪائين، تون پسين ڪئي پرينءَ کي.
 


پڙهي قرآن ڪتاب، قاضي ڪوهه قِصا ڪرين،
ملي وٽ محبوب سان، ڇڏي زور جواب،
متان اچي اوچتي، ڪرئي ڪال ڪباب،
ٿيندي پوءِ خراب، سج لٿي سامي چوي.
 


دوست جو ديدار، ڪامل آهي ڪيهڙو،
چيو نه وڃي منهن سا، اجگئبي اسرار،
نه ڪو رنگ نه روپ ڪو، نه ڪو انگ آڪار،
جَڏي ملندءِ يار، تڏي پوندئي سڌ سامي چئي.
 


اندر ڏس پيهي، ته آهي ڪير قلوب ۾،
سهي ڪري سروپ کي تون من هنسا ڏيئي،
ته سامي سڀيئي، درد مٽني دم ۾.
 


نارايڻ جي نام جو، ڌريو جن ڌيان،
ڪوري ڪسي ڪڍيو، اندر جو ايمان،
سامي رهن صاف سدا، پائي گرگيان،
تن کي ڀڳوان، مالم منجھيئي ٿيو.
 


اڳ نه ڄاتم ڄاڻ، ته ڪو ساهه ٻنهي جو هيڪڙو،
لائي چت چريو ڪري، پوءِ ڪڍي وئين پاڻ،
هاڻي لنَو لنَو منجھه وٿاڻ، پائي ويٺين پانهنجو.
 


سڄڻ رنگيلو، اچي ميو سڪ سان،
سامي سَڀُ ڀُلي ويو، ڪٽنب قبيلو،
اهڙو ٿيو حيلو، تان ڀي سجھي ڪين سڄڻ ري.
 


اکين منجھه اوطاق، آهي يار عجيب جي،
سدا پسن سڪ سان، محبتي مشتاق،
جي جيئندي ٿيا جڳ کون، ٻانڀڻ چئي بي باڪ،
خلوتن جي خاڪ، لائي ويٺا لعل ٿي.
 


سامي سمجھي لاءِ، اکيون ساڻ عجيب جي،
بنا سڪ سَچَيءَ جي، ڪنهن جي ڪانهي جاءِ،
جي تو کي پياس پسڻ جي ته جيئندي پاڻ جلاءِ،
ته اچي ٻولي پاءِ، سهج مني سپرين.
 


جنهن کي پوري پريت، محبوبن جي من ۾،
سونڪي گھمي ڏيورا، نڪي گھمي مسيت،
ڄاڻي سڀ سنسار جي، ڪوڙي ڪلپت ريت،
پرينءَ ري پرئيتِ، ڪنهن تي ڪري ڪينڪي.
 


جنهن کي لڳي پياس، سامي سپرين جي،
مِٽي تنهن جي مَن مون، ٻي سڀائي آس،
مورت محبوبن جي، ڏسي سڀ ۾ خاص،
ٻيو سڀ سمجھي ناس، بنا مورت ان جي.
 


دَٻي ديواني، سڄڻ تنهن جي عشق ڪيو،
هنيائين حيرت جي، قهر ڀري ڪاني،
سامي سڀڪو ڀُلو، ڏسي جڳ فاني،
جيئري مل جاني ــ مئي ملندين ڪن سان؟
 


پيالي مان پريم جي، رتيا ٿي رحمت،
پيتي جن پريت سان، سي ٿيا متارا متَ،
سي ڪَٿِنِ ڪين اَڪَٿَ، ريڌار هن حال ۾.
 


اَٿي مهانگو، سامي سودو پريم جو،
جي تو کي خواهش خريد جي، ته سٽ سر جو سانگو،
پرچي پاءِ ڳچي ۾، گلا جو گھانگھو،
لنگھي پوءِ لانگھو، ته مطِلَبُ ٿئي من جو.
 


ڪڏي ڪين ڪري، پري پاسو مون کون،
اکيون اکين ۾ رکي، ويٺو ڌيان ڌري،
اُٿندي وِهندي ننڊ ۾، پلڪ نه ٿي پري،
ڏسي جيءَ ٺري، سامي سپرين کي.
 


محبتن مجلس، پرچي جي ڪئي پاڻ ۾،
ٻولن واڪ ويساهه جا، سامي ساڻ رَهَس،
ماڻي دور دَرَسَ، اِسٿتِ ٿيا آڪاس جان.
 


محبتي مشهور، لڪي ڇپي ڪينڪي،
چڙهيو جنهن جي گھَرَ ۾، آتم اَنڀئي سور،
سامي سنتن سان، ملي چيتُ ڪيائين چور،
جيئن نينن ۾ نور، تيئن ساکي ڏسي سڀ ۾.

 

Pages: 1, 2, 3, 4 ,5

Next

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net