سامي جون سنتون

 
 

وڏي وڏائي، سامي ڄاڻ ڀڳت جي،
نيڇ اوچ ٿيا ڪيترا، ڪري ڪمائي،
ڍيڍ، چمار، جولاها، پيڃارا، نائي،
جنين لنو لائي، سي سڀيئي سُڌريا.
 


لکين لٻاڙي، ڳالهيون ڪن آگم جون،
سامي ڪوڙائي ساڌ ٿيا، مٿو ۽ ڏاڙهي،
ڪلڪائين ڪپٽ جي، ڪاتي ڪهاڙي،
ڀاڙ کائي ڀاڙي، وهيا وڃن وهه ۾!
 


ڪلجڳ جا ڪوڙا، مير متحدي، چوڌري،
راتيون ڏينهان لوڀ جا، گھر ٻنڌن ٻوڙا،
ويساهي ويساهه سان، ڊوهن وسوڙا،
سامي مت موڙها، مرڻ نه ڄاڻن من ۾.
 


چوري نه ڄاڻان، مال پرائو نه ڇڏيان،
دٻيان بار اٺن جا، ڦريان نماڻان،
تنهن کون پڄاڻا، ڪريان حق حلال جون ڳالهڙيون.
 


هڪ ڪڻو نه ڏئي پاڻ، ٻئي کي ڀنگ وجھي ڀائي،
مايا تنهن مورک جي، آهي اجائي،
ڪو وڏو پاپي پڌرو، جنهن کي اهڙي عادت آئي،
تنهن انڌي آگ لائي، پنهنجين هٿين پاڻ کي.
 


مايا ڀلايو، سامي جوڙي جيءَ کي،
نانگ ڏسي نوڙيءَ ۾، ڏورؤن ڏهڪايو،
ڳڻتيءَ ليکي ڏک جي، سنسي منجھه آيو
ستگر سمجھايو، تڏي سمجھي سرجھيو پاڻ ۾.
 


اڳ نه ڄاتم ڄاڻ، ته جڳ مڙيو ئي سپنو،
وهي ويس وهه ۾، تيج تنهن جي ساڻ.
سامي ڪيو ستگروءَ، نانا کون نرباڻ،
جاڳي پنهنجو پاڻ، اِسٿت ڏٺو آڪاس جان.
 


پريم بنا پرڪاش، ڪنهن کي ٿيو ڪينڪي،
ائين چوي ٿو نامديو، ڪبير ۽ روداس،
ڪري ڏس ڪلپت ري، سامي آنن اڀياس،
ته چيتن چد آڪاس، پر گھٽ ٿئي پاڻهين.
 


آيو ناگر نٽ، بيک ڌاري بازار ۾،
ٻانڀڻ چوي ٻيائيءَ ري، ڪڍي ويٺو هٽ،
پاڻ واپاري وڻج ٿيو، پاڻ تارازي وٽ،
رعيت راجا پاڻ ٿيو، ڪانئر، سور، سٻٽ،
پاڻ ڪنڀر آوي بڻيو، چڪ، مٽي، گھٽ مٽ،
پاڻ ڦول ڦل پتر ٿيو، پاڻ ڏار، ٻج، ٻٽ،
اندر ٻاهر دهه دسا، کيلي گپت پرگھٽ،
پرچي کوليو پٽ، پاڻ لکائي پاڻ کي.
 


پل پل ڪن پڪار، ڪٺا درد فراق جا،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، روئن زارو زار،
سامي چئي سرير جي، رکن ڪانه سنڀار،
آءُ مل جاني يار، نه ته ڏيون ٿا دم درد ۾.
 


محبت جي ميدان ۾، پئڙا جن پيغام،
سي جاڳڻ کي اَڪرا، نيڻين ننڊ حرام،
انگ نه اوڍين ڪپڙا، طلب نه رکن طعام،
جھڙا منجھه ماتام، تهڙا عاشق عيد ۾.
 


آءٌ منهنجا سپرين، ويهه نه وساري،
مَئن کي ماري، ميلو ڪندين ڪن سان.
 


سو سخن نه سڃاڻن، واچن ورق وري وري،
پنا پوٿيءَ جا پڙهي، ٻائن ٻين،
سي ڪاغذ ڪوه ڪڍن، جن کي سوجھي ناه سرير جي.
 


مڙيئي روڳي، اٿئي جيءَ جهان جا،
ٺڳيءَ جا ويس ڪري، جوٺا ٿيا جوڳي.
 


نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسين،
نڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکياسين.
 


ويدانتي واڻي، ٻڌي جن ٻانڀڻ چوي،
جئن گھاگھر لوڻ جي، ڀرڻ هلي پاڻي،
سنڌ ۾ سماڻي، موٽي موٽي  ڪانه ڪا.
 


سنسو هڪ پيو، اچي منهنجي جيءَ ۾،
سامي چئي، هي ست گرو! ڪاٿي جڳت ٿيو،
پٺي ڏيئي پاڻ کي، ساميءَ سڏ ڪيو،
آهي ڪين ٻيو، جل پپوٽو، جل ري.
 


اکين جو اسٿان، تنهن کي جڳت چوي جاڳرتا،
ڪايا گرڪنٺ جو، سو سپني جيان سمان،
سکوپت سرير ۾، هِردو هيڪر ڄاڻ،
ڪايا جي ڪپار ۾، تريا ٿاهر ٿاڻ،
هي چؤگھرو چوگان، آهي اونڪار جو.
 


اوڌؤ تو آندي، چٺي جوڳ جتن جي،
ٻڌي ڳالهه ٻنڌن جي، ٿيڙي دل ماندي،
ويا پڪ ري واندي، برج بالا ٿئي ڪانڪا!
 


دلبر جو ديدار، ڪامل آهي ڪهڙو؟
جنهن جو روپ نه رنگ ڪو، نه ڪو انگ آڪار،
جڏهن ملندءِ يار، پوندءِ سڌ سروپ جي.
 


ملان هن مئه جو، جي چڪو هڪ چکين،
ويٺو مُنهن مکين، هوند ڪارنهن کڻي ڪنڊ ۾.
 


پنهنجي پوک سنڀار، پراڻي پيهي تي چڙهي،
ڏيئي واڙ ويساهه جي، پاڻي پريم پيار،
کميا کانڀاڻيءَ سان، ڪڍي ڪلپت جھار،
کڻندين بيحد ٻار، سامي انڀئه ان جي.
 

 

Pages: 1, 2, 3, 4 ,5

Back

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net