شاهجان سُميل رسمتاڻي جي شاعري

تو کي وسارڻ ڪو چرچو نه هو

تون چوين ٿو پرين مان وساري ڇڏيان
وسارڻ سان جيڪر وساري سگهان ها
وساري ڇڏيان ها سمورا اُهي پل
جن ۾ نه تنهنجي رفاقت ملي
نه ئي ڪنهن ٻئي جي محبت ملي
نه ئي بيوسي مونکان منهڙو مٽيو
هر موڙ تي ڪا قيامت ملي
وسارڻ سان جيڪر وساري سگهان ها
وساري ڇڏيان ها اُهي يادگيريون
جن ۾ نه تنهنجو تصور مليو
درد ڄڻ حياتي جو محور بڻيو
زندگي بس خزان جي ڪا موسم هئي
نه سرسبز جنهن ۾ ڪو منظر مليو
وسارڻ سان جيڪر وساري سگهان ها
وساري ڇڏيان ها گذريل اُهي ڏينهن
عذابن سان جن ۾ رهي زندگي
۽ خوابن سان جن ۾ رهي زندگي
نه تون ئي مليو هئين اڃا همسفر
نه ٿي نانءٌ ٻئي جي هئي زندگي
تون چوين ٿو پرين مان وساري ڇڏيان
اڙي دوست نادان ائين ممڪن نه آ
توکي وسارڻ ڪو چرچو نه آ
وسارڻ سان جيڪر وساري سگهان ها
وساري ڇڏيان ها مان پنهنجو وجود
سوا تنهنجي جيڪو اڌورو آ پيارا
منهنجو هر لفظ تنهنجي امانت پرين
منهنجو هر شعر تو بن اڌورو آ پيارا
ان ڪري منهنجي جيون کي منهنجو رهڻ ڏي
نه چئجان وسارڻ لا مون کي وري
پاڻ کي اي پرين تون منهنجو ٿيڻ ڏي
ڇو جو توکي وسارڻ ڪو چرچو نه آ
تو بن گذارڻ ڪو چرچو نه آ. . . .

  Back Next  

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net