شيخ اياز
جي انقلابي شاعري

اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ، تو نينهن ”اياز“ نڀايو آ،
تون ڳاتا گيت بغاوت جا، تون لاٿا زنگ ضميرن جا.

        سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌي شاعري کي شيخ اياز تائين پهچندي پهچندي  پوريون ٻه صديون لڳيون آهن. نور محمد خسته کان شيخ اياز تائين، سنڌي غزل جو سفر سنڌ جي رستي تي، اوپري شخص جو سفر آهي. پنهنجيءَ هلت، لوڏ، انداز، لباس توڙي وک جي کڻت ۾ ئي اوپرو ۽ اجنبي. اڪثر شاعرن ان ئي اوپري چال جي اهل ڪرڻ ۾ عمر گذاري ڇڏي هئي. سندن حياتي اهڙي ڌاريءَ روايت جي ڌنڌ کي هوا ڏيندي هوا ٿي وئي. جنهن سنڌي شعر جو پنهنجو سٻاجهو ۽ روشن چهرو لٽي ڇڏيو هيو. اياز اُن ڌنڌ ۾ سج جو اُهاءُ ٿي اُڀريو. هُن جو شعر نئن جي تک ۽ طوفان جي زور جيان آيو ۽ نه فقط پاڻ کان اڳ وارين سمورين ادبي روايتن کي اُڏائي کڻي ويو، پر همعصر دور کي به ايترو متاثر ڪيائين، جيترو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام پنهنجي دور کي متاثر ڪيو هجي. اهوئي سبب آهي جو اياز کان بعد واري اڪثريتي سنڌي شاعري اياز جي ئي سڏ جو پڙاڏو محسوس ٿئي ٿي.

        شيخ اياز جي شاعري صدين جي پيڙيل، لتاڙيل ۽ ماريل ڌرتيءَ جي ڇرڪائيندڙ دانهن آهي، جيڪا هر دور ۾ غلامي کي للڪاريندي ۽ ستل ذهنن کي جاڳائيندي رهندي. هيءَ شاعري فني توڙي فڪري سطح تي هڪ مڪمل نئين ادبي روايت ۽ تحريڪ وانگر ئي آهي. هڪ اهڙي تحريڪ، جيڪا تند کي تلوار سان ويڙهائڻ سيکاري ٿي ۽ ان تي فتح حاصل ڪرڻ جا به سمورا گُر سمجهائي ٿي.

اوءِ پر متڙيا، ڪونه سمجهي سگهئين
هيءَ ڪوتا نه هئي، ڪا نئين مت هئي!

شاعري پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

 

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com