استاد بخاري جي شاعري

وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا،
ٿر جي ٿَڃ ملهاءِ ساٿي!
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

گھنگھر اندر جر ٿر سوگھا،
گھر گھر کي مڇراءِ ساٿي،
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

ڀُونءِ ٿئي پئي ڀاڱا ڀاڱا،
غير هڻن ٿا وچ ۾ راڱا،
ڳولي ڦولي ههڙا هاڃا،

هائيءَ منجھ هڻاءِ ساٿي!
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

جھنگن کي زنجير ٻجھي ويا،
ڪهسارن کي ڪير لڳي ويا،
ڍنڍون، ڍورا، بحر ڄمي ويا،

ڇولين کي ڇڏراءِ ساٿي!
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

وِک وِک ويري، روڪون، رولا،
ڪاري واري ڪوسا جھولا،
ڌرتي ٽامون، واٽون شعلا،

ڄر مان ڄڃ لنگھاءِ ساٿي،
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

برپٽ باغ بنائڻ چاهيان،
جي استاد آرائين آهيون،
وڻ وڻ ۾ هڻ سوڌيون اوڌون،

ڏِنگا ڏار وڍاءِ ساٿي،
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!
استاد بخاري ج""""""""""ي""""""""""ـــــــ شاعري
 

 

Next

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net