استاد بخاري جي شاعري

    اسان هيٺ غزلن جا پهريان پهريان شعر ڏنا آهن، جنن تي ڪلڪ ڪري توهان پوري غزل پڙهي سگھو ٿا.

هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان.

 
اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،
درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا.
 
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
 
ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون،
جوٽي ڏيندا جھيڙا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها اهيون.
 
ڀونءِ تنهنجا اسين آهيون ڀانَ، ڳلِي ڳلِي جاڳ راڳ ڳايون،
ديري ديري دَنگي مَنگون دانَ، ڪڻو ڪڻو قوم ٿا بڻايون.
 
جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،  
اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي،
جنهن جنهن دل ۾ جھاتي پايون جوت جلي ٿي پئي.
 
هن ڌرتي جو تون آهين ڌڻي، جي ڳالهه ڳڻي  
پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!
جو هَٽيو سو ڪَٽيو، مون کي پَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!
 
پڙهو گھمايو، خزان تڙايو، اسين اٿون پيا بهار بنجي،
گھٽي گھٽي گونججي وئي آ، پکي پکي ويو پڪار بنجي.
 
سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران،
مِهڻن منجھه ڄمار، جئيندي لڄ مران.
 
ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي،
واچوڙي ۾ هوش ڦري ويئه، اڻ جھل اوٿر اڳتي آهي.
 
وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا،
ٿر جي ٿَڃ ملهاءِ ساٿي!
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!
 
نانگ، وڇون ۽ ويري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي،
ٽانڊا، ڪوئلا، ڪيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.
 
اُجھڻ کان مچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي،
ججھڙ ٿي جيئڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي!
 
ڏکاري رڳو منهنجي دل تون نه آهين، سڄي پرٿوي ٿي پريشان آهي،
ڪيو ڪنهن ته بيداد بغداد توسان، تتي تنهنجي لئن ۾ لبنان آهي.
 
اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا،
اسين ڦٿڪون ٿا اوهين ڦاٽو ٿا.
 
تحرير کي ترار بنايون بچي پئون،
ڪوڪار مان ڪٽار بنايون بچي پئون.
 
خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان،
ڄمڻ کان موت تائين، سنڌ ـــــــــ ڌرتيءَ جو وَتل آهيان.
 
گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان،
دڳ دڳ اوندهه اوتي پئي آ، پڳ پڳ جوت جڳايان ٿو مان.
 
تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان،
                                            ڇو ٿي گھٻرائين امان!
 
ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو،
ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو.
 
استاد بخاري جي شاعريءَ مان چونڊ شعر  
 
 

Next

 

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net