|
|
زاهد شيخ جي نانءٌ سنڌي ادب جي ميدان ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. پريالو جو هي شاعر جنهن جي دل ۾ نڄاڻ ڪيترا اُڌما ۽ طوفان موجود آهن، پنهنجي شاعري ذريعي جنهن فڪر ۽ جنهن سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، اُهو تمام گھٽ شاعرن جي شاعري ۾ ڏٺو ويو آهي. سندس شاعري جو انداز به نرالو ئي آهي. سندس شاعري هميشه انقلابي ۽ سماجي ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي. سندس شاعري ۾ سنڌيت جو پرچار پنهنجي اوج تي آهي. سندس شاعري کي سازن جو روپ ۽ شاعر کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جو سهرو وري به انقلابي فنڪار سرمد سنڌيءَ جي سِر آهي. هيٺ سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ ڳايل سندس شاعري لِکت جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿي. هِتي ڏنل شاعري مان اڪثر توهان کي ”وائيس آف سنڌ ميوزڪ سڪيشن“ ۾ سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ سُرن جي آلاپ سان گڏ ملي ويندا. اميد ته توهان سڀني کي وائيس آف سنڌ جي هي ڪاوش پسند ايندي.
|
|
|