پهاڪن جي پاڙ
ترتيب: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو     پيشڪش: وائيس آف سنڌ

سنڌ جا مشهور پهاڪا ۽ انهن جو سمجھاڻيون، مڪمل تفصيل سان!

   پهاڪا هر ٻولي جي زينت هوندا آهن. سنڌيءَ ٻولي ۾ به انيڪ پهاڪا آهن. جيڪي اسان هت ترتيب ڏيئي پيش ڪري رهيا آهيون. پهاڪا ته عام طرح سان ٻڌبا *۽ ٻڌايا ويندا آهن، مگر انهن جي اصل حقيقت ۽ ماهيت هر ڪنهن کي معلوم نه هوندي آهي. انهي ڪري اسان هي سلسلو شروع ڪيو آهي ته جئين توهان کي سنڌي ٻولي جي املھ پهاڪن ۽ انهن جي مفهوم جي خبر پئجي سگهي. هي سلسلو دراصل ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب جي ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ مان ورتل آهي. هن سلسلي ۾ اسان انهي ڪتاب مان چونڊ پهاڪا پيش ڪيا آهن.  اسان کي اميد آهي ته توهان کي اسانجو هي سلسلو بيحد پسند ايندو ۽ توهان جي ڄاڻ ۾ به اضافو ٿيندو. اسان کي توهان جي رائي جو انتظار رهندو. (ادارو)

اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب
       
سنڌ جا ٻه نواب، جي دنگئي پَلئي هئا، تن مان هڪڙي، هڪ اڇي ڏاڙهي وارو ماڻهو مقرر ڪيو، جو ٻئي نواب جي دِڳي مان ڳَرٽ ڳَرٽ ڇوڪرا برغلائي ايندو هو، جن کان ڍڳن ڍورن چارڻ ۽ ٻي خدمت چاڪري جو ڪم ورتو ويندو هو. ٻِئي نواب، وري هڪ چالاڪ ڳڀرو ڇوڪرو پاڻ وٽ رکيو هو، جو وري هُن نواب جي حد مان، اڇي ڏاڙهي وارن کي ڏٽا سٽا ڏيئي، کين مقرر سَراءِ ۾ آڻي ڪڍندو هو، جتي انهن کان چَڪي پيهڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
        هڪڙي ڏينهن پوڙهي ۽ ڇوڪري جو هڪ ٻئي سان پَلئه پيو. پوڙهي پَههُ پچايو ته، ”آئون، هن ڇوڪري کي هيٺاهيون مٿاهيون ڏئي، پنهنجي حد ۾ وٺي وڃان.“ ڇوڪري خيال ڪيو ته ”آءُ، هن پوڙهي کي پاڻ سان وٺي وڃان.“
        ٻئي پنهنجي پَهن گَهن ۾ مست ۽ مگن!
        نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي ڊهَه بَڊهَه (روبرو) ٿيا، تڏهن ڇوڪرو ٽاڙهه ڏيئي، رئندو رئندو، چاچا سائين، چاچا سائين، ڪندو، اچي پوڙهي جي پيرن تي پيو. روئي جو روئي پيو زارو زار! پوڙهي کي هن جي روئڻ تي رحم آيو. سو ڳرٽڙي پائي، پڇيائينس ته، ”ابا، روءُ نه، خبر ڪر ته روئين ڇو ٿو؟“ . ڇوڪري ڏاڍي ڍنَگَ پيچ ۽ ڦَند سان ڇَند ڪري، چيو ته ”بابو ويچارو راه رباني وٺي ويو، اما ۽ ٽي ڀينرون ڇڏي ويو آهي. ڏوڪڙ پيسو، ۽ ٻني ٻارو به آهي، پر سنڀالي ڪير؟ اما چيو ته، ”پٽ، تنهنجو چاچو هتان رُسي ويو آهي، اُن کي ڳولي ڦولهي اچ. ڏَسَ پَنڌَ ۽ پار پَتا، جيڪي ڏنا اٿس، سي سڀ چاچا، تو ۾ آهن، سو مهرباني ڪري هاڻي هَل، ۽ هلي سار سنڀال لَههُ. ، مطلب ته ڇوري، اهڙا ته حيلا هلايا، جو پوڙهو فريب ۾ ڦاسي ويو. ڇوڪري کي چيائين ته، ”پُٽ، ماٺ ڪر، روءُ رڙ نه، مون سڀ ڪاوڙ ڇڏي، هل ته هاڻي ئي هلون ٿا.“ ڇوڪر اڳيان، پوڙهو پويان. جڏهن مقرر سراءِ جي ڀرسان آيا، تڏهن ڇوڪري، پوڙهي کي چيو ته، ”چاچا، تون هل، انهيءَ جاءِ ۾، ته آئون جھنگ جو خيال لاهيو ٿو اچان.“ پوڙهو خوشيءَ سان سراءِ ۾ گهڙيو. اُتي ته اڳيئي جوان انتظار ۾ ويٺا هئا، جن پوڙهي کي پهچندو ڏسي، جھلي، چَڪَيءَ (جنڊ) تي ويهاري، ڪاسو اَن جو ڏيئي، چيائونس ته، ”پيھُ اَنُ، نه ته سِر جو خير نه ٿيندءِ“ . اتي پوڙهي سمجھيو ته، ”مار، ڇوڪرو راند هڻي ويو !“.
        ڀلا هڪ پيرسن، ٻيو جنڊ ڳورو ۽ اَن گهڻو، ويچارو سو ڪري به ڪري ڇا! جي تڪڙو ٿو هلائي ته اَنُ ڏارو پيو ٿئي، جي هوريان ته اَٽو نه پيو نِبري، اچي ويو سورن ۾! مٿانئس بيٺل ماڻهو، ٿورو ۽ ڏڏريل اَٽو ڏسي، کيس چون ته، ”پوڙها، هي ڇا ٿو ڪرين؟ اَڇي ڏاڙهي ۽ اَٽو خراب!“.
        مطلب: جڏهن ڪو ڪم، ڪنهن لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

آيا مير، ڀڳا پِير:
        جڏهن ڏاڍا اچن، تڏهن هيڻا بيهي نه سگهن.
        سنڌ ۾ ”ڪلهوڙن“ جي صاحبي 1701ع کان 1782ع تائين هلي. ڪلهوڙن کي ”ميان“ ۽ ”پِير“ به ڪري سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين ڪيترائي مريد هئا. ميرن جي اچڻ بعد ڪلهوڙن جو زوال اچي ويو. تنهن تي ڪنهن ائين چيو ته : ”آيا مير، ڀڳا پِير“ .

اَبو گسي، ڌيءَ وسي:
   
    هندن ۾ رواج آهي ته ڌيءَ کي جھجھو (وڌيڪ) ڏاج ڏين. ڪنهن سيٺئي، ڌيءَ کي ايترو ته ڏاج ڏنو، جو پاڙي وارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. تنهن تي ڪنهن پاڙي واري ائين چيو: ” اَبو گسي، ڌيءَ وسي.“
    مطلب:    اَبي جي کٽي، اَدي کپائي،        ڪمائي هڪڙو ته کائي ٻيو،

اُٺ نه پڄي، هڻي ٻورون لتوُن:
        هڪ جي باھ، ٻئي مان ڪڍڻ.
   جَت، اُٺن تي مال لَڏيو، پاڻ ٻورن مٿان چڙهيو پيا وڃن. اُٺن کي تيز هلڻ لاءِ خوب لتون پيا هڻن، پر لتون ته اُٺن تائين پهچن ئي نه پيون، تنهنڪري اُٺن جي تيزيءَ ۾ خيرڪو فرق نه پئي آيو. وري زور سان لتون پيا هڻڻ، ته به اُٺن تائين نه پيو پهچن، ۽ ٻورن کي پيون لڳن. تڏهن ڪنهن ڏسي ائين چيو.

اَپڻا مال هي، روسُون ڀي، کائسُون ڀي، (سرائڪي):
           
پنهنجي ڪيل ڳالھ، کلي به قبولبي ۽ روئي به.
    جَت، بصر سان ماني پيا کائين. بصرن جي بانس ۽ ڪَڙاڻ کان، سندن اکين مان پاڻي پيو وهي. ڪنهن چيو ته ”رو به پيا ته کائو به پيا!“ کلي چيائون ته ” اَپڻا مال هي، روسُون ڀي، کائسُون ڀي.“

اَڍائي گهرن جو خير:
   
سڀ جو خير، سڄي جھان جو خير.
    قديم زماني ۾، ڀارت ورَش ۾ اڍائي گهر ليکيندا هئا: گهر برهمڻ جو، گهر کَتريءِ جو ۽ اڌ گهر وَيش جو.    عربن ۾ وري گهر مسلمانن جو، گهر اهل ڪتاب(يهودين ۽ عيسائين جو*، ۽ اڌ گهر ٻئي مذهب وارن جو شمار ڪيو ويندو هو.
    سنڌ ۾ اسلام اچڻ کانپوءِ گهر ”هندو“ گهر ”مسلمان“ ۽ باقي اڌ گهر ”ٻاليشاهيءَ“ جو ڳڻجڻ ۾ آيو. ۽ اڄ تائين سنڌ ۾ اهي ئي اڍائي گهر شمار ڪيا ويندا آهن.
    ماڻهو عام طرح دعا گهرڻ وقت، الله تعالى جي حضور ۾ عرض ڪندا آهن ته، ”خدايا! اڍائي گَهرن جو خير گذارج، ۽ انهن جي صدقي اسان جو به!“

انڌير نگري، چرٻٽ راجا    ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا:
   
جڏهن ڪو ظالم يا بي عقل حاڪم ٿيندو آهي، تڏهن ان جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آهي، يا جڏهن ڪو حاڪم، رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواھ رهندو آهي، تڏهن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان وڌيڪ لنگهي ويندا آهن. اهڙي وقت لاءِ ائين چئبو آهي.
    ڳالھ ڪندا آهن ته هڪڙو گُرو، پنهنجي چيلي سان گڏ، تيرٿ ڪندو، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن جو نالو ”انڌيري نگري“ هو. گروءَ، پنهنجي چيلي کي کاڌي پيتي جي شين خريد ڪرڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪليو چيلي وڃي ڏٺو ته مار! هتي ”ڀاڄي“ به ٽَڪي سير ته ”کاڄا“ به ٽڪي سير! هن ڇا ڪيو، جو ٽڪي ۾ کاڄن جو سير خريد ڪري، پنهنجي گُروٰٰءَ کي اچي، چيائين ته ”گُرو جِي، هت ڏاڍو مزو آهي، هر هڪ شيءِ ٽڪي سير! ڏس، مان به ٽڪي ۾ کاڄن جو سير وٺي آيو آهيان، تنهنڪري ڪجھ وقت ته هِت رهي، موج ڪرڻ کپي. ڇڏيو تيرٿ ياترا جي پچر (جند) ! ههڙا سک ڪٿي نه ملندا.“
    گُروءَ نهايت سياڻو هو، سو کيس چوڻ لڳو ته ”ڀائي، هن شهر جو نالو ئي ”انڌير نگري“ آهي، هِت رهڻ، خطري کان خالي نه آهي. هونءِ به ساڌن کي هڪ هنڌ ديرو دَمائڻ ٺيڪ نه آهي. چوندا آهن ته : ساڌو رَمندو ڀلو، پاڻي وَهندي ڀلو. مگر چيلو چوي ته ”آءُ هرگز نه هلندس“. گروءَ گهڻو ئي سمجھايس، پر چيلو پنهنجيءَ تي ٿي بيٺو! آخر گرو لاچار ٿي هليو ويو.
    چيلو، اُتان جا گِههَ مَلِيدا کائي، دُنبو بڻجي پيو. هڪڙي دفعي، ڪنهن ڏُٻري ماڻهوءَ تي خون جو الزام ثابت ٿيو. تنهنڪري کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي هئي. پر اتفاق اهڙو بڻيو، جو مجرم جي ڳچيءَ کان، ڦاسيءَ جي سِرڪَڻ (ڦندو) ويڪري هئي، جنهنڪري راجا حڪم ڪيو ته : ”ڪو ٿلهو متارو ماڻهو آڻيو، جنهن کي هن جي بجاءِ ڦاسيءَ تي لَٽڪايو وڃي!“. ڳولا ڪندي، حلوائي جي دُڪان تان، چيلي کي کاڄا خريد ڪندي، ڏٺو ويو، جنهن کي پڪڙي وٺي آيا.
    چيلي اهڙو انڌير ڏسي، گهڻو پڇتايو ۽ گُروءَ جا وَچَن ياد آيس. هوڏانهن گروءَ کي به کُڙڪ (خبر**) پئجي ويئي، سو هڪدم ڦاسيءَ جي تختي تي پهچي ويو. گروءَ ڦاسيءَ ڏيندڙن کي چيو ته، ”هن وقت، ڦاسيءَ تي چڙهڻ جو حق منهنجو آهي، تنهنڪري ڦاسي، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو“. سپاهين پڇيو ته، ”ڇو؟“ گروءَ جواب ڏنو ته، ”هن شُڀ سميه ۾ جنهن کي ڦاسي ايندي، سو سِڌو سُرڳ ۾ ويندو، شاسترن ۾ به ائين لکيل آهي سو: گروءَ کان اڳ ۾، چيلي کي سُرڳ ۾ وڃڻ جو ڪو حق ڪونهي.
    چيلو، گروءَ جي مام پروڙي ويو. رڙ ڪري چيائين ته ”نه، گروءَ جِي نه، مان ئي ڦاسيءَ کائيندس، ڇاڪاڻ ته سپاهين مون کي ئي پڪڙيو آهي ۽ نه اوهان کي!“
    گروءَ چيلي کي گهڻو ئي سمجھايو ته ”ساڌن کان سواءِ، ٻيو ڪوبه سرڳ جو حقدار ٿي نٿو سگهي،“ پر هنن جي ڳالھ ڪنهن به نه ٻڌي، اها راجا کي خبر ڏنائون.
    جڏهن راجا اها ڳالھ ٻڌي ته سرڳ هٿ ڪرڻ جو هي ئي شُڀ سميه آهي، تڏهن چيائين ته: ”بس مون کي ڦاسي ڏيو!“
    آخر راجا کي ڦاسي آئي، پر ”شڀ سميه“ سبب ٻيا به ڪيترا سرڳ جا شائق، اتي ڦاسيءَ تي چڙهندا ويا! جڏهن گروءَ ڏٺو ته گهڻائي پاپي ناس ٿي ويا آهن، تڏهن چيائين ته ”هينئر اهو شُڀ سميه سَماپَت ٿي ويو آهي، تنهنڪري وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڦاسيءَ تي نه چڙهي.“
    پوءِ گروءَ چيلي کي چيو: ” هن وقت ئي هتان ڪُوچ ڪرڻ گهرجي. هاڻي تو ڏٺو ته هت ڪهڙو نه انڌير لڳو پيو آهي!“. 

Next Page

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منڱريو
ديدار علي ڌاريجو
حبيب سنائي

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net