شيخ اياز جي اٺين ورسيءَ جي مناسبت سان. . .

آزادگــــيءَ  جــــا  پــيــئــجــــو،ڪجھ جام منهنجي نانءُ ۾!

مضمون

امر سنڌو اياز جو مدفن ۽ ان جا ”جذباتي“ پرستار

ماڻڪ ملاح اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها

شمس سومرو

شيخ اياز: زنده شاعري جي روايت جو تسلسل (هڪ مختصر نوٽ)

شيخ اياز جي شاعري پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

مان نه نڪتو هوس، ڪنهن محتاج ٻاڏايو هُيو،
ڪنهن چيو ٿي، ڪلھ سندءِ در تي خدا آيو هُيو.

اي خوشي، تون زندگيءَ ۾ ڪيترو اڻ لڀ هُئينءَ!
مون تـه سارو وقــت غــم سـان جــيءُ بهــلايـو هُـيــو.

    مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي! اُن ۾ اِهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حسن ڪوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪيتروئي اختلاف آهي. پر مان پڇان ٿو ائين ڇو آهي ته دؤر قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حسين سمجھيو ويو آهي؟ اهڙو ڪوئي به دؤر ۽ اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي انسان چنڊ کي حسين نه سمجھيو هجي. اُن ۾ اهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ ۽ انسان ۾ اهو ڇا آهي جو ان جي حسن کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ انهن ٻن سوالن جو جواب مون لاءِ خودشناسيءَ جو درجو رکي ٿو. ڇوته اِن کانپوءِ مان سمجهي سگھندس ته مان شاعر ڇو آهيان.
                        (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي)                       
ــــــــــــ شيخ اياز

مشعل ڇڏي ٿو مــان وڃـــان،
وَر وَر اُهـــــائـــــي ٻــــــارجـــــو،
ٻــــيــڙي ڇــــڏي جــــا ٻـــــار ۾،
ســـا تـــوڙ تـــائـــيــن تـــارجــو.

مون آس جنهن جي نانَو مـان،
يــــارو! پــــلــي نـــاهــي اڃـــــا،
ســــــو آھـــــه مسـتقبل پــــري،
پـــــــر ســــاھ ســـان آهــــي اڃا.

پر جــي مَــران مـان پـنــڌ ۾،
(ڪــيـــئـــي اويــرا ٿــا وڃـن)
تيڏانــهــن وڌجــــــو سـاٿــيــو!
جـــيــــڏانهـــن پــيــرا ٿـا وڃــن.

ٿو مان اڃان تـــائـــيــن وڌان،
آزادگــــــيءَ جــــي راھـــــــه ۾،
پر جي موت ليءَ ٿـــو اچـــي،
اڄ زنـــدگـــيءَ جــي راھــه ۾.

ڌرتـــي، جـتـي مــان پـورجان،
تنهن تـي نـمـن جـي ڇانو ۾،
آزادگــــيءَ  جــــا  پــيــئــجــــو،
ڪجھ جام منهنجي نانءُ ۾!

ڪجھ راهرو نڪـري ويا، هــر ڪـاروان پُٺـتــي ڇــڏي،
مُنهن تي مِٽي، گُـل جـھول ۾، پُهتا پرينءَ جي پار ڏي.

تُون ننڊ ۾ تُون جــاڳ ۾، تنهـنـجـي لگـــن ۾ مـن مگن،
هــر رات تــو لَــئـه ٿــي رڙي، هـر صبح توکي ٿو سڏي.

هي يادگيريون يار جون، هــن سـاھ جي سينگار جون،
گويا سوين تارا ڪَتيون پکـــڙڻ لڳا منهنـجــي تـــــڏي.

هــــــــي جـــام آ مــــنـهــنـجــو خــيـالِ خــام آ، بــدنــــام آ،
جُڳ جُڳ جيئين، جي تون پيئين، ڍُڪ ڍُڪ ڇڏي توکي اڏي.

    مون اونهي آڪاش ۾ ڪَتيءَ ڏانهن ڏسي، ڪَر موڙيا، ۽ من ۾ چيو، ”هيءَ گھڙي اَمر آهي. هيءَ گھڙي وري نه ايندي، مگر مرندي ڪڏهن به نه! هيءَ گھڙي مان آهيان، مان اَمر آهيان، آدجڳاد کان آهيان. هيءَ گھڙي ساريءَ سرشتيءَ جي سونهن آهي ۽ اُن سونهن جو مقام منهنجي ساھ ۾ واسو آهي. هيءَ گھڙي ڪوئي ٽئگور جو گيت آهي، هيءَ گھڙي شاھ لطيف جو بيت آهي، هيءَ گھڙي اَبد اهي، اَزل آهي، منهنجو ۽ خدا جو وجود آهي ـــــ لازوال آهي!“
            (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي)                      ــــــــــــــ شيخ اياز

تون گل تي ڪئين ٿو لکي سگھين
جڏهن هن ابهم جو
مکڙو مرجھايل آهي!
هي چيڙھ چيڙھ چڳون
هي لِيڙ لِيڙ لٽا،
هي اجھي کان سَوا انسان،
توکي ياد نه ٿا اچن
جڏهن تنهنجي ڏات
آسمان ڏانهن اُڏامي ٿي!
مان مڃان ٿو ته
حُسن، جواني، محبت
زندگي، موت
ازل، ابد
شعر جا ابدي موضوع آهن
۽ تون اُنهن تي لکي
پاڻ کي زنده جاويد ڪري سگھندين؛
۽ ان لاءِ وقت گھرجي
۽ ان ڪري
توکي ڌرتيءَ جي دک لاءِ وقت نه آهي؛
پر جي تون
هن معصوم جي اک مان هڪڙو لڙڪ اُگھي سگھين،
جي تون
هن ظالم جي هٿ مان تلوار کسي سگھين
يا هن مظلوم جي پُٺيءَ تي ڪري
وار پاڻ تي سهي وڃين؛
۽ جي تون
سڀني جي جيئڻ جي حق لاءِ
پنهنجي جيئڻ جي حق تان هٿ کڻين،
ته شايد تون گمنام مرين
۽ هڪ عظيم شاعر نه ٿي سگھين
پر
هڪ عظيم انسان ضرور ٿيندين؛
۽ ٻُڌ!
خدا جي دل
هڪ پيالو آهي
جنهن تي
عظيم شاعر جي زندگي
فقط چٽسالي ڪري سگھندي آهي
پر
عظيم انسان جو موت
اُن ۾ ابد تائين
آبدار موتين وانگر جرڪندو رهندو آهي

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net