ڏند ڪٿا

    لکندڙ: امر جليل     موڪليندڙ: ديدار علي ڌاريجو 

    يوناني ديوتا يوناني ڏند ڪٿائن جو اسان جي حقيقتن سان مقابلو ڪري رهيو هو۽ ذري گهٽ وائڙو ٿي رهيو هو يوناني ديوتا چيو حيقتن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ وڏو فرق آهي . پر توهان جي حقيتن يوناني ڏند ڪٿائن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا آهن.

چيم” اسان وٽ اهڙا اهڙا ته ٻهروپيا اجگر آهن .جو يوناني ديوتائن کي ڏند ڪٿائن سميت جيڪر جيئري اڳري ڇڏين”

يوناني ديوتائن وراڻيو، ”باقي هڪ ڏند ڪٿا رهجي ويئي آهي،جيڪا تو کي نه ٻڌائي اٿم،“

”ٻڌاءِ،“چيم،”ان ڏند ڪٿا جي مقابلي ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ڪانه ڪا مناسب حقيقت اسان وٽ ضرور موجود هوندي،“

”سراسر ناممڪن،“يوناني ديوتا چيو،”ان ڏند ڪٿا جي مقابلي ۾ بيان ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ ڪابه حقيقت نه هوندي،“

” تون ٻڌاءِ ته سهي ديوتا،“ چيم، ” تنهنجي آخري ڏند ڪٿا به اسان جي حقيقت کان مات کائيندي،“

يوناني ديوتا مون ڏانهن ڏسي، کليو. هن ڏند ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي، ” يونان ۾ فونيڪس نالي هڪ پکي هوندو هو. هنس کان وڏو، ۽ وڌيڪ سهڻو. ڪنهن ڳالهه تان يوناني ديوتا فونيڪس کان ناراض ٿي پيا .هنن کيس مسلسل عذاب ۾ چيچلائڻ جي سزا ۽ بد دعا ڏني. پوءِ ٿيو ائين، جو جڏهن به فونيڪس پکي اڏا مندو هو، پرواز جي آواز سان کيس باهه وڪوڙي ويندي هئي، ۽ هو اک ڇنڀ ۾ سڙي رک ٿي ويندو هو.

بد دعا مطابق پنهنجي رک مان فونيڪس ٻيهر جنم وٺندو هو. نئون جنم وٺي اڏامندو هو، ۽ پرواز جي آواز سان باهه ۾ وڪوڙجي سڙي رک ٿي ويندو هو، پنهنجي رک مان هو ٻيهر جنم وٺندو هو سهڻا پر پکيڙي وري اڏامندو هو. اڏامڻ شرط کيس باهه وڪوڙي ويندي هئي ۽ هو سڙي رک ٿي ويندو هو. پنهنجي پرواز جي آواز سان سڙي رک ٿي وڃڻ، ۽ رک مان ٻيهر جنم وٺي اڏامڻ ۽ اڏامڻ شرط سڙي رک ٿي وڃڻ جو عذاب فونيڪس لاءِ صدين تائين هلندو آيو.“

ڏند ڪٿا ٻڌائڻ کان پوءِفخر سان يوناني ديوتا مون ڏانهن ڏٺو. منهنجن چپن تي مرڪ ڏسي پڇيائين ”ڇو؟ کلين ڇو ٿو، جواب ڏي .“چيم ، ”جواب ڏيڻ بدران مان توکي اهو منظر ڏيکاريندس جنهنجي آڏو فونيڪس واري ڏند ڪٿا توکي نيچ نظر ايندي .“

۽ پوءِ، مون کيس اهو منظر ڏيکاريو.

    هڪ نوجوان جا هٿ پير زنجيرن ۾ جڪڙيل هوا، ۽ زنجير بڙ جي ٿڙ سان ٻڌل هو نوجوان جو وات سبيل هو. ڪنن تي تاڪيون چڙهيل هئس. سندس ٻئي اکيون نڪتل هيون. جن مان رت ٽمي رهيو هوس. نوجوان جي اکين مان ٽمندڙ رت جڏهن ڌرتيءَ کي ڇوهيو تڏهن سندس بي نور اکين ۾ نور موٽي آيو، ۽ هو حال کان مستقبل ۾ نهارڻ جهڙو ٿي پيو. تڏهن اوچتو، بڙ جي ٿڙ جي پوئتان هڪ ڄامڙو ٽهڪ ڏيندو نڪري آيو، ۽ خنجر جي چهنب سان نوجوان جون اکيون ڪڍي وري وڃي بڙ جي وڻ پٺيان لڪيو. نوجوان جي اکين مان رت وهڻ لڳو. وهندڙ رت جڏهن ڌرتيءَ کي چميو ، تڏهن نوجوان جي بي نور اکين ۾ نور موٽي آيو ۽ وري حال ۽ مستقبل ۾ نهارڻ جهڙو ٿي پيو. تڏهن، اوچتو ڄامڙو ٽهڪ ڏيندو بڙ جي پٺيان نڪري آيو ۽ خنجر جي چهنب سان نوجوان جو اکيون ڪڍي وري وڃي ٿڙ جي پٺيان لڪيو.

يوناني ديوتا ڪيتري دير تائين تعجب، اچرج ۽ خوف وچان اهو منظر ڏسندو رهيو. هن دهشت مان پڇيو ، ” هيءُ نوجوان ڪير آهي، ۽ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟“

وراڻيم، ” هيءُ نوجوان ڌرتيءَ جو پٽ آهي. ۽ کيس پنهنجي ماءُ سان پيار آهي. اهو ئي سندس ڏوهه آهي.“

” ۽ ڄامڙو؟“

”ڄامڙي جي هٿ ۾ وقت جي واڳ آهي.“

منهنجو جواب ٻڌي يوناني ديوتا پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ۽ يونان موٽي ويو.                                                                     

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net